فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا الگورٿمز ٻارن جي جنسي استحصال ۾ سهولتون فراهم ڪن ٿا.
اها دعويٰ اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ ۾ سامهون آئي آهي.
رپورٽ ۾ ميٽا جي دستاويزن جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪي آمريڪي رياست نيو ميڪسيڪو پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي خلاف داخل ڪيل ڪيسن سان گڏ جمع ڪرايا ويا هئا.
ان ڪيس ۾ نيو ميڪسيڪو ميٽا تي الزام هنيو هو ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا الگورٿمز ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران اڻوڻندڙ مواد تائين پهچ کي سولو بڻائين ٿا.
ڪيس سان گڏ جمع ڪرايل ڪجهه دستاويزن جا تفصيل هاڻي سامهون آيا آهن.
انهن دستاويزن موجب ملازمن جي پنهنجي ڪاٿي موجب روز هڪ لک ٻارن کي فيسبڪ يا انسٽاگرام تي هراسان ڪيو ويندو آهي.
نئين پاليسين تحت 18 سال کان ننڍي عمر جي واهپيدارن لاءِ آپگهات، پاڻ کي نقصان رسائڻ ۽ ايٽنگ ڊس آرڊرز جهڙي حساس مواد تائين سرچ ۽ ايڪسپلور جهڙن فيچرز ذريعي پهچ وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي.