فيس نه ڏئي سگهندڙ ناري سان ماستر شادي ڪري ڇڏي!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي روز ڪيتريون ئي اهريون وڊيوز وائرل ٿينديون آهن جيڪي ڪڏهن کل جوڳيون هونديون آهن ته ڪڏهن ڇرڪائيندڙ هونديون آهن.

انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ پيرسن شخص گوڏ پائي نيري رنگ جي اسڪول ڊريس پهريل ناري کي گلن جو هار پارائي ٿو ۽ سندور سيند ۾ وجهي ٿو.

پيرسن اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هيءَ منهنجي شاگردياڻي هئي، مان هن کي پڙهايو هو، هي فيس به نه ڏئي سگهي هئي، هن جا ڏهه هزار رپيا هئا ۽ هي نه پئي ڏئي سگهي ته مان سوچيو ته ڇا ڪجي، پوءِ اسان ٻنهي شادي ڪري ورتي.

وڊيو ۾ ناري چوي ٿي ته هو غريب هئي، فيس جا پيسا نه هئا جنهن سبب هو پڙهائي نه پئي ڪري سگهي، پر هاڻي هن ماستر سان شادي ڪري ورتي آهي ته فيس جو مسئلو حل ٿي ويو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Appan Maithili (@appanmaithili01)

خيال رهي ته اها وڊيو فرضي آهي، ڇو ته هي ناري ڌار ڌار ماڻهن سان شادي جون وڊيوز ٺاهيندي رهندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.