پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي ٽوڙڻ تي ٽيم مئنيجمينٽ جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پنهنجي يوٽيوب چئنل تي گفتگو ڪندي رميز راجا چيو ته بابر اعظم ۽ رضوان جي جوڙي سان هٿ چراند لاءِ اسٽرائيڪ ريٽ جو بهانو بڻايو ويو، اوهان ليگ ۾ پرفارم ڪرڻ وارن رانديگرن کي ٽيم شامل ڪندا آهيو، جڏهن ته عالمي ميچ جو دٻاءُ بلڪل مختلف هوندو آهي.
هن چيو ته نوجوان رانديگرن تي دٻاءُ هوندو آهي ته پوري دنيا ا کين ڏسي رهي آهي، اوهان ان جوڙي کي ٽوڙي ڇڏيو جنهن کان سموري دنيا گهٻرائيندي هئي.
رميز راجا سوال ڪيو ته نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ کان اڳ کين آزمايو، اِهو ڪو سولو ڪم ناهي، ٻنهي جي جوڙي ٽوڙي اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟.