بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ڪاميابين جي لحاظ کان بابر اعظم کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
گذريل ڏينهن بئنگلورو جي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت سخت مقابلي کانپوءِ افغان ٽيم کي شڪست ڏني.
ڀارتي ٽيم روهت شرما ۽ رِنڪو سنگهه جي جارحاڻي بيٽنگ جي مدد سان افغانستان خلاف چئن وڪيٽن نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي 213 رنسن جي جواب م افغانستان به جارحاڻي بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون ۽ ميچ ٽاءِ ٿي وئي.
ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سپر کيڏيو ويو، جنهن ۾ افغانستان هڪ اوور ۾ 16 رنسون ٺاهيون جڏهن ته جواب ۾ ڀارتي ٽيم به سپر اوور ۾ 16 رنسون ٺاهي سگهي ۽ سپر اوور به برابر ٿي ويو.
سپر اوور برابر ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر سپر اوور ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڀارت پهريان کيڏندي 11 رنسون ٺاهيون جڏهن ته افغانستان ٽيم رڳو هڪ ئي رنس ٺاهي سگهي ۽ ائين ڀارت افغانستان کي ڊبل سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.
ڀارت جي ڪاميابي سان گڏوگڏ روهت شرما ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندڙ ڪپتانن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
مختصر ترين فارميٽ ۾ ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندڙن جي فهرست ۾ چار ڪپتان نمايان آهن.
افغانستان جو اڳوڻو ڪپتان اصغر افغان 52 ميچن ۾ 42 ڪاميابين سان پهرين نمبر تي آهي، ٻئي نمبر تي روهت شرما آهي جنهن 54 ميچن ڪپتاني ڪئي ۽ سندس قيادت ۾ ڀارت 42 مقابلن ۾ فاتح رهيو، فهرست ۾ ٽيون نمبر اڳوڻي پاڪستان ڪپتان بابر اعظم جو آهي جنهن 71 ميچن ۾ گرين شرٽس جي ڪپتاني ڪئي ۽ 42 ۾ فتح حاصل ڪئي.
اڳوڻي ڪپتان آئن مورگن 72 ميچن ۾ انگلش ٽيم جي قائد جا فرض انجام ڏنا ۽ 42 مقابلن ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي هو ان فهرست ۾ چوٿين نمبر تي موجود آهي.
Next Post
You might also like