لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته بيٽ جو نشان واپس ٿيڻ جي ذميدار پاڻ پي ٽي آءِ آهي، عمران خان ڪنهن لابيءَ جو ماڻهو آهي جيڪو پاڪستان ۾ جمهوريت ڏسڻ نه ٿو چاهي پنهنجي غلطين جو ملبو ٻين طرف اڇلڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻي نواز شريف کي چنتخب ڪري اقتدار ۾ آندو ويو ته عوام ان کي قبول نه ڪندو، لاڙڪاڻي ۽ ميروخان ۾ پارٽي ورڪرن کي خطاب ڪندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته عمران خان کي اليڪشن ڪميشن جي هدايت کان اڳ ئي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ گهرجن ها پر هن بوگس انٽرا پارٽي چونڊون ڇو ڪرايون؟ جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو غيرجمهوري آهي، عمران خان پلان سي جون ڳالهيون ڪري هڪ دفعو ٻيهر ادارن کي بدنام ڪري ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، نواز شريف کي عمران خان وانگر چور دروازي کان اقتدار ۾ آڻي ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي اهڙي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي جيڪڏهن نواز شريف کي چوٿون ڀيرو به اقتدار تي مڙهيو ويو ته عوام کيس قبول نه ڪندو.