ھڱورجا ( رپورٽ : قاصد الله آرائين) ھنڱورجا جي غريب آباد محلي ۾ 13 ورهين جي نينگري ڪومل سومرو سان مبينا طور ٽن جوابدارن لڄالٽ ڪئي آهي جڏهن ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.غريب آباد محلي جي رهواسي پورھيت منظور سومرو ھنگورجا ٿاڻي تي پھچي رپورٽ داخل ڪرائي آھي ته سندس 13 ورهين جي نياڻي ڪومل سومرو کي ٽن جوابدارن شيرو بروھي، يعقوب بروھي ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار زبردستي لڄالٽ جو شڪار بڻايو آھي. نينگري جي امڙ بلقيس سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ھنگورجا مشتاق جتوئي ٻڌايو ته مبينا طور لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻي جا 2 جوابدار گرفتار ڪيا آھن جڏهن ته وارث جي اچڻ بعد ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.