ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير عرفان مگسي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويو آهي. عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي عرفان گل مگسي چيو ته منهنجو تعلق پيپلز پارٽي سان رهيو آهي ۽ مان صوبائي وزير به رهيو آهيان. پ پ طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مصطفيٰ ڪمال بلاول ڀٽو کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بلاول ڀٽو اڄ پنجاب کي فتح ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي. بلاول لاهور ۾ اهو نٿو چئي سگهي ته هو لاهور کي ڪراچي بنائيندو جن جي ڪارڪردگي ڪجهه نه هجي اهو وزيراعظم بنجڻ جا خواب ڏسي رهيو آهيان. بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ اسان جي ضرورت پوندي ۽ اسان آئيني ترميمن کان علاوه ٻئي ڪابه ڳالهه نه مڃينداسين.