چونڊ نشان تبديل ٿيڻ سان متاثر تڪن ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(م ڊ) هاءِ ڪورٽ پاران چونڊ نشان تبديل ڪرڻ  سبب لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هاءِ ڪورٽن پاران چونڊ نشان تبديل ڪرڻ واري معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ چونڊ نشان تبديل ڪرڻ واري معاملي تي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چونڊ نشان تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊ ملتوي ڪري سگهي ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پڌرائي به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سڄي ملڪ ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ڪالهه کان شروع ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.