لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي بيٽ جي نشان تان هٽائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري صباحت رضوي موقف اختيار ڪيو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو برابر حق آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميوارين کي نظرانداز ڪري اليڪشن ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائڻ ناممڪن آهي.