ملڪ ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ وقت سپريم ڪورٽ پاڪستان اھو چيو ھو تھ ”اھو پٿر تي ليڪو آھي“ ان ھوندي بھ جن ڌرين جي مفاد ۾ آھي اھي عام چونڊن ۾ رنڊڪون وجھي رھيون آھي.ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي ھن وقت واحد نمائندھ اداري سينيٽ ۾ چونڊن شيڊول ملتوي ڪرائڻ بابت قرار داد جمع ٿي آھي.ٻئي پاسي ملڪ جي وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي خبردار ڪيو آھي تھ چونڊن ملتوي ڪرڻ جي صورت ۾ اھڙي عمل خلاف تحريڪ ھلائي ويندي.
سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ سينيٽر بلال الرحمان طرفان جمع ڪرايو ويو. جيڪو فاٽا مان آزاد سينيٽر آهي. سينيٽر بلال الرحمان ٺهراءُ ۾ چيو آهي ته سخت سيءُ ۽ برفباري خيبرپختونخواهه جي شهرين کي سازگار ماحول ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪي رهيو آهي. اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ چيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اميدوارن تي دهشتگرد حملن جو امڪان آهي. صوبي جا ووٽرز ۽ اميدوار احساس محرومي جو شڪار آهن. سينيٽر بلال الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ تي مختلف مونجهارا پيش اچي رهيا آهن ان ڪري عام چونڊن کي 8 فيبروري جي بجاءِ ڪنهن ٻئي نئين تاريخ تائين ملتوي ڪيو وڃي.ھي ٻيو ڀيرو آھي جڏھن تھ ھن کان اڳ به چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد طرفان چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو ٺهراءُ به سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.
ملڪ جي وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊون ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ ايم آر ڊي وانگر تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته، ايم آر ڊي وانگر تحريڪ هلائينداسين، ان ڪري چونڊون ملتوي ڪري اهڙو موقعو نه ڏنو وڃي جو عوام کي ووٽ جو حق گهرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پئي. ھو ميروخان ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اھڙو اظھار ڪيو. هن چيو ته چونڊون 8 فيبروريءَ تي ئي ٿينديون ۽ چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿيڻ ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي بي يقيني واري ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ ۾ استحڪام ضروري آهي جيڪو چونڊن سان ايندو. هن چيو ته چونڊون ڪرائي ملڪ عوام جي نمائندن حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون چونڊون نه ٿيون چاهن ان لاءِ انهن کي مشورو آهي ته هو عوام تي اعتماد ڪن ۽ چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف سميت ڪجهه جماعتن کي عوام ۾ پذيرائي نه ملي رهي آهي ته ان جي سزا عوام کي ووٽ جي فيصلي کان پري رکي نه ڏني وڃي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ عام ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف ملڪ ۾ ڊگهو عرصو چونڊون نه ڪرائي اقتدار تي قابض رهي عوام کي حق حڪمرانيءَ کان پري رکيو پر پيپلز پارٽيءَ جدوجهد ڪري جمهوريت ۽ آئين کي بحال ڪرايو.
هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ ماضيءَ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود چونڊ مهم هلائي هئي ۽ هاڻي به صرف پيپلز پارٽي ئي چونڊ ميدان ۾ آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عوام کي تڪليفن ۾ ڇڏي ملڪ مان فرار ٿي ويل سياستدان عوام جا همدردر نه ٿا ٿي سگهن ۽ عمران خان پڻ ملڪ کي عدم استحڪام ڏنو ان لاءِ عوام نواز شريف ۽ عمران خان کي آزمائي چڪو آهي هاڻي بلاول ڀٽو زرداريءَ جا هٿ مضبوط ڪري ته هو وزيراعظم بڻجي نوجوانن، بزرگن، غريبن، مزدورن جو ساٿي بڻجي ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف اتحاد سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌ کي وسيلن کان محروم ڪرڻ جي ايجنڊا تي گڏ آهن ۽ هو 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.
اسان سمجھون ٿا تھ جيڪي ڌريون ملڪ ۾ چونڊن ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري رھيون آھن، سان سان ملڪ وڌيڪ مشڪل صورتحال جو شڪار ٿيندو، انڪري ھر صورت ۾ اعلان ڪيل عام چونڊون ڪرائي، ملڪ جي واڳ چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ جمھوريت ڏانھن ڪو سفر شروع ٿي سگھي ٿو، پي جيڪڏھن ان عمل ۾ ڪنھن بھ قسم جي رنڊڪ وڌي وئي تھ شايد عوام اھو ھاڻي برداشت نھ ڪندو ۽ ان خلاف عوامي ڪاوڙ خرناڪ صورت اختيار ڪري سگھي ٿي.
موري لڳ دفن ٿيل لاش جي بي حرمتي
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آھي، جيڪا تھذيب جو گھوارو آھي،جتي جي ماڻھون محبت ۽ قرباني جي ڪري دنيا ۾ شھرت رکن ٿا، اتي ھاڻي اھڙا واقعا بھ ٿين ٿا،جن سان انسانيت جو سر شرم کان جھڪي ٿو وڃي.تازو موري ڀرسان ھڪ اھڙو ئي واقعو رپورٽ ٿيو آھي،جنھن موجب ڳوٺ عبدالغفور ٻگھيو جي رھندڙ ديدار ٻگھيو جي زال دل جي دور پوڻ جي ڪري فوت ٿي وئي ھئي.جنھن کي روايتي طور علائقي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو پر ٻن ڏينھن بعد ڪن نامعلوم ماڻھن اھو لاش ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. واقعي بعد برادري جا ماڻھون پھتا ھئا، پوليس کي بھ اطلاع ڪيو مليو ھو.
ڪجهھ سال اڳ ھندو مسلم جي تڪرار جي ڪري بھ ھڪ شخص ڀوري ڀيل جولاش ٻاھر ڪڍي ڪري ان کي دفن ٿيل قبرستان ۾ دفائڻ نھ ڏنو پئي ويو،سنڌ ۾ اھڙي طرح جون روايتون بھ ھئڻ برابر آھن، پر ھاڻي خبر ناھي تھ سنڌ جي ھن سرزمين کي ڪھڙي نظر لڳي وئي آھي جو نفرت جي باھ ھر طرف ٻري رھي آھي.جنھن سان سمورو سماجي ڍانچو ناس ٿي رھيو آھي.
سنڌ جي گھڻگهرن توڙي ساڃاوندن کي ھن واقعي تي ويچارڻ گھرجي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اھڙي نفرت کي روڪڻ جي لاِءِ اڳتي اچڻ گھرجي،جيئن اھڙا واقعا وري نھ ٿي سگھن.