دادو کي ٽوڙي 2004ع ۾ ڄامشورو ضلعو ٺاھيو ويو پر 19 سالن ۾ ڪا به تبديلي نه اچي سگھي صرف جو صرف تبديلي اھا ائي آھي ته اڳ ضلعو دادو لکندا ھئاسين ھاڻي ڄامشورو لکندا آھيون. ھڪ پاسي ھن ضلعي ۾ ھڪڙي ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ نمائندا چونڊبا رھيا آھن ڄامشورو ضلعو آبادي جي لحاظ کان 12 لکن ماڻھن تي ٻڌل ضلعو آھي جيڪڏھن ڏسجي ته ھتي سڄو نظام تباھ ٿيل آھي. ھن ضلعي جي چئن تعلقن جا روڊ رستا تباھ حال آھن اھا تباھي صرف ڪرپشن جيڪري ٿي آھي. پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو
پئيڻ جي پاڻي جو بنيادي مسئلو به حل نه ٿي سگھيو آھي سنڌ پبلڪ ھيلٿ ضلعي ڄامشوري طرفان پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 15 سالن ۾ ڏيڍ ارب کان مٿي جي لاڳت جي رقم اسڪيم مٿان لڳائي وئي پر ڏيڍ ارب جي لاڳت جي اسڪيم به ھتان جي ماڻھن کي ڪا به لاڀ ڏئي نه سگھي. جيڪڏھن انھي پيان جا ھٿ ڏسجن ته ھٿ وٺي پاڻي جو مسئلو ڪرائي ٽيئڪر مافيائن کي سرگرم ڪيو ويو
تعليمي سرشتو
ڄامشوري جو تعليمي سرشتو به حڪومت جي نااھلي جي ڪري تمام متاثر ٿيل آھي ڇاڪاڻ ٿاڻي بولا خان جا ڪيترائي اسڪول ھن وقت بند آھن سرڪاري اسڪولن جي حالت تمام خراب آھي ھن ضلعي ۾ ايتري ته حڪومت جي نااھلي رھي جو اسڪولن کي سٺيون بلڊنگون نه ملي سگھيون آھن. 15 سالن جي پ پ حڪومت ۾ ڪا تعليمي اڳڀرائي نظر نه آئي.
صحت جي صورتحال:ُجيڪڏھن صحت جي صورتحال تي به نظر وجھون اھو به حڪومتي سرشتن جيان پٺ تي پيل آھي. بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي ضلعي جي ھيڊڪواٽر واري اسپتال آھي. اتي 60 کان مٿي ڊاڪٽر ڪم ڪري رھيا آھن پر جيڪڏھن ھئير اوھان ويندو يا مائينر(معمولي) حادثو ٿئي ٿو ته انھي لاءِ به مريض کي داخل ڪري علاج ڪرڻ بجاء حيدرآباد سول اسپتال رفر ڪيو وڃي ٿو. اسپتال جي 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ساليانا بجيٽ آھي پر ماڻھن کي صحت جون سھولتون به نه ملي سگھيون آھن جيڪڏھن ٻيون به ترقياتي اسڪيمون ڏسون ته اتي به اھا حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيڪا مٿين ادارن سان ظلم ٿيل آھن انھي اسڪيمن سان اھڙيون ئي ويساھ گھاتيون ٿيل ھونديون ڄامشوري جي تقريبن ھر سرڪاري اداري اندر ڪرپشن جي باراز گرم لڳي پئي آھي گذريل پندرنھن سالن ۾ ڪا ڪارڪردگي ڏسڻ ۾ نٿي اچي
ايگريشن جو پاڻي: ايگريشن کاتي ڄامشوري جي به 15 سالن کان ساڳي حالت بڻيل رھي اوھان کي ڳالھه ٻڌندي حيرت ٿيندي ته انھي پاڻي تي به مقامي وڏيرن يا ڀوتارن جو قبضو، مخالفن خلاف ماڊول کولڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا ڄامشوري جي ٻن وڏين اسڪيمن جي حوالي ڪجھه وقت اڳ اخبار وسيلي سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلي سيد مراد علي شاھ کي کليل خط به لکيو ھيو پر انھيءَ جو به ڪو نوٽيس نه ورتو ويو پر ھٿ وٺي مشينن ۾ ٽڪينڪ خرابي ڄاڻائي ويندي ھئي بجر پيل زمينن جون حالتون به سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير کان ڳجھيون نه ھونديون پر انھيءَ ڪڏھن گاڏي بيھاري پنھنجي صلاحڪار کان اھو معلوم نه ڪيو ته اھي زمينون ڇا جي ڪري بنجر پيل آھن.
جيڪڏھن ائين ٻين ترقياتي ڪمن کي ڏسون ته انھن ۾ به گذريل 15 سالن اندر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي. 19 سال گذرڻ باوجود ضلعي ھيڊ ڪواٽر قائم نه ٿي سگھيو جنھن لاءِ ڄامشوري ڪورٽ سامھون زمين رکي وئي پر اھا زمين به ليڊ گريبرن جي ور چڙھي ويو جتي ضلعي ھيڊڪواٽر ھجڻ کپي ھا پر اتي شاپينگ مال تيار ٿيل آھي پر انھي حوالي سان ڊي سي کان وٺي ڪنھن به اعلي عملدار ڪو نوٽيس نه ورتو.
ڪوھستان جي زمينن تي جبري قبضو
ڪوھستان جي زمينون ھميشه ڌارين جي اک ۾ رھيون آھن. ڪوھستان جي زمينن تي قبضو 2016 کان شروع ٿيو ھيو اخباري رپورٽ موجب ته 2016 ع ۾ جڏھن قبضا شروع ٿيا ان وقت اتان جو ھڪ وڏو بااثر به شامل ھيو پر جڏھن اھو اڳتي وڌيو ڪوھستان جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي بحريه ٽائون کي کپائيون ويو ائين ڀوتار جبري قبضا ڪرائيندو ويو ان وقت ڪوھستان واسين جو ڪير به دانھن ڪونه ورنائي رھيو ھيو پر اوچتو ٿيو ائين جو ڪوھستان جي زمين جي ڏي وٺ واري معاملي تي ذريعن جي چوڻ مطابق بحريه جي مالڪ، ڪوھستان جي ڀوتار جي شڪايت اڳوڻي صدر کي ڏني جنھن تي 2017ع ۾ ڄامشوري جي ڀوتار خلاف ۽ سندس ساٿين خلاف وڏي پيمائي تي ڪارروائي شروع ٿيون جنھن ۾ ڀوتار جي ويجھن ساٿين جي ھائوسنگ اسڪيمن تي ڪاروائيون ٿيون جڏھن ته بحريه جا سيڪيورٽي گارڊ ھن وقت به ھر روز ڪوھستان جي عورت مٿان تشدد ڪري رھيا آھن ڪوھستان واسين جي زمين ڳڙڪائيندا وڃن.جنھن خلاف 6 جون 2021ع تي بحريه گيٽ تي بحريه جي جبر ۽ قبضي خلاف ڌرڻو لڳو پر جنھن کانپوءِ سنڌ حڪومت سنڌ جي قومپرستن خلاف ھڪ ئي وقت 31 ڪيس داخل ڪري اھا ڳالهھ پڌري ڪيو ته سنڌ جي ماڻھڻ کي حڪومت جانورن جي مثل سمجھي ٿي.
ڄامشوري ضلعي جي تڪن جي حوالي سان جيڪڏھن جائزو وٺجي ته ٽي پي ايس ۽ ھڪ اين اي جي سيٽ آھي ھتي ھن ضلعي ۾ نئين قسم جي ھڪ عجيب روايت آھي ته ضلعي کان ٻاھرين کي آڻي نمائندو بڻائي وڃبو. ھتي پ پ ۽ مخالف ڌر ۾ سياسي حريف ايس يو پي جو سخت مقابلو ٿيندو آھي. 2018ع جي اليڪشن کان اڳ اڳوڻي حڪومت جي ڌر جبر شاھي جو مظاھرو ڪري زبردستي ووٽ بيلٽ باڪس ۾ ٺپا ھڻي وجھي ڇڏيا. ووٽ وجھڻ وارن جا سوشل ميڊيا تي وڊيو به وائرل به ٿيا ھئا. پر سياسي اميدوار جي حوالي سان به سراسري جائزو وٺجي.
پ پ طرفان ملڪ اسد، ڊاڪٽر سڪندر شورو، مراد علي شاھ ۽ پر ٿاڻي بولا خان تي ايندڙ نمائندو ھر دفعي تبديل ٿيندو رھي ٿو ڪڏھن انھي سيٽ تي فقيرداد کوسو، ڪڏھن گياچند ايسراڻي ۽ ھن دفعي ملڪ سڪندر اميدوار نروار ٿيو. 2018 ع جي اليڪشن دوران ضلعي اندر سياسي طرح دلچسپ ماحول ھو. انھيءَ دفعي پ پ طرفان ڊاڪٽر سڪندر کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي ڊاڪٽر سڪندر پارتي کان ڌار ٿي. ضلعي اندر ڄامشوري اتحاد جي نالي سان ھڪ اتحاد جوڙيو جنھن ۾ سيد جلال شاھ، سڪندر شورو، چنگيز خان، صالح برھماڻي ۽ سائين زمان شاھ جيلاني شامل ھئا. ان وقت ڪوٽڙي واري سيٽ تي ملڪ اسد، بولا خان تي گياچند ايسراڻي، سيوھڻ مان اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ اين اي تي سڪندر راھپوٽو پ پ جا اميدوار ھئا ان وقت جا سياسي حريف ڪوٽڙي مان سڪندر شورو بولا خان تي چنگيز خان، سيوھڻ تان سائين جلال شاھ ۽ اين اي تي به سيد جلال شاھ سامھون مقابلي ۾ بيٺل ھو ۽ ان اليڪشن کان وٺي ھن وقت تائين ڄامشوري ضلعي جو ڀوتار اڳوڻو صوبائي نمائندو مختلف پروگرامن ۾ انھيءَ ڳالهھ جو باربار ذڪر ڪندو رھيو ته سڪندر شوري کي پ پ ۾ اچڻ نه ڏيندس پر ھن دفعي ھن اليڪشن دوران وڏيون تبديلون آيون آھن سڪندر شوري کي ڪوٽڙي جي سيٽ نصيب ٿي ملڪ اسد کي انھيءَ سيٽ جواب مليو انھيءَ جڳهھ تي ملڪ اسد کي اين اي تي واپس بيھاريو ويو. مراد شاھ سيوھڻ مان ۽ بولا خان ۾ نئون چھرو ملڪ سڪندر خان ظاھر ٿيو بولا خان تي پ پ جي مقابلي ۾ چنگيز خان، ڪوٽڙي ۾ پ پ جي مقابلي سيد منير حيدرشاھ، سيوھڻ ۾ ايس يو پي جو نائب صدر روشن ٻرڙو ۽ اين اي واري سيٽ پ پ جي مقابلي ۾ سيد منير حيدر شاھ بيٺل آھي.
ڪوٽڙي جي سيٽ حوالي سان اھي سوال اڀرن ٿا جيڪو پ پ جي مخالت ڪندو رھيو انھيءَ جي حوالي اھا سيٽ ڪئي وئي. جيڪو پارٽي سان نڀائيندو رھيو انھي جو سيٽ وارو خواب پورو نه ٿي سگيو اھي سوال اڀرندا رھندا پر انھي جو ازالو تڏھن ٿيندو جڏھن تڪ ۾ ڪا تبديلي آڻين. ھن دفعي سيد منير حيدر شاھ ۽ ملڪ سڪندر جي پھري اليڪشن آھي. سيد منير حيدر شاھ سنڌ جي مختلف مسئلن تي سدائين احتجاجن، ڌرڻن، بک ھڙتالن ۽ مظاھرن ۾ ڏسڻ ايندو آھي سيد منير حيدر شاھ کان سڄي سنڌ واقف آھي ائين نه صرف انھن جي سياست ڄامشوري تائين محدود آھي پر سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنھن ديس واسي تي ظلم ٿئي ٿو ته اتي انھي سان سيد منير حيدر شاھ ۽ سندس خاندان سان تعلق رکندڙ سائين زين ۽ سائين جلال شاھ انھي سنڌ دشمن خلاف ديس واسي گڏ بيھندا آھن سيد منير حيدر شاھ پنھنجي تڪ جي عوام مان ڪروڙين اميدون رکيو ويٺو آھي ته سائين جو موقف به اھو ئي آھي ته سنڌ لاءِ سنڌ واسين لاءِ جئين ٿو چاھيان.