اقليتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ جاري، پي ٽي آءِ ٻاهر

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جي شروعاتي  لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي 10 سيٽن لاءِ 37 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. پڌرائي موجب اقليتي سيٽن تي ڪاغذن بابت آر او جي فيصلن خلاف اپيلون 16 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون. پاڪستان تحريڪ انصاف به سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ چونڊ نشان نه ملڻ سبب اقليتي سيٽن جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.