ٻيراڻي (پ ر) عوامي تحريڪ جي اڳواڻ دوست علي ڪٽوهڙ جي ستين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ طرفان ٻيراڻي ۾ جلسي عام ڪري کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيز علي نواز ڏاھري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، ڪلاسيڪل آرٽسٽ اسفند يار خٽڪ، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، هوش محمد خاصخيلي، عقيل ماڪوڙاڻي، خادم ڪٽوھڙ، طالب حسين ڪٽوھڙ عاشق حسين ڪٽوھڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته دوست علي ڪٽوهڙ هڪ کاهوڙي ڪردار هو، عوامي تحريڪ طرفان ھلندڙ جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ جي جدوجهد جاري آهي. هن جدوجهد کي اڃا به وسيع ڪيو ويندو. سنڌ جون زمينون جي اسان سنڌين کان ڦرجي ويون ته پوءِ ڪجهه ئي نه رهندو، اسين پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ٿي وينداسين. ان ڪري زمينن تي قبضن خلاف جدوجهد جاري رکڻي آهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي ٻئي اسٽيبلشمينٽ نواز جماعتون آهن،جن کي عوام تي اعتماد ناهي عوام به انهن تي ڀروسو نه ڪري. وڏيرن جو اتحادي ٿي اليڪشن وڙهندڙن کي عوام تي ڀروسو ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي پوڄاري پارٽي آهي، علي نواز ڏاهري چيو ته زمينون مقامي ماڻهن بدران غيرملڪين کي ڏيڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ختم ڪري زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. ستار رند چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي، سنڌ جي ثقافت جي قتل برابر آهي. راڻو ڪنڊاڻي چيو ته وڏيرن جو اتحادي ٿي اليڪشن وڙهندڙن وٽ عوام جي ۽ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ جي ايجنڊا ڪونهي. عوامي تحريڪ جي نمائندن کي ڪنهن به وڏيري جي حمايت جي ضرورت ناهي عاشق حسين ڪٽوھڙ چيو ته دوست علي ڪٽوھڙ علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ سميت مختلف عوامي مسئلن تي جدوجھد ڪئي ۽ ھو سدائين غريبن ھارين ۽ مسڪينن سان گڏ رھيو.
ڪارونجهر جبل کي ڪٽيو ويو ته اهو عمل وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيندو: اڳواڻ
مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس ۾ قانوني جدوجهد ڪرڻ لاءِ سنڌ انڊيجينئس رائيٽس ۽ وڪلين پاران ڪارونجهر جو دورو ڪري مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪئي وئي، ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس ۾ مضبوط ۽ وزنائتي سياسي سماجي ۽ قانوني جدوجهد کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو، سنڌ انڊيجينئس رائيٽس جي اڳواڻ ڪامريڊ ابيرا اشفاق، ڪراچي چيپٽر جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ ڪاظم مھيسر، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ حفيظ بلوچ، ٿرپارڪر ضلعي بار جي صدر وڪيل فقير منور ساگر، وڪيل مصطفي ھنگورجو، وڪيل تيرٿ جھانگي، وڪيل ۽ عوامي تحريڪ اڳواڻ وسنڌ ٿري، وڪيل عمران بلوچ، وڪيل ديال صحرائي، وڪيل راحيل ڀٽو ۽ وڪيل احسن ڪيريو پاران ڪارونجهر جي مختلف پاسن جو دورو ڪيو ويو، جتي ڪارونجهر سجاڳ فورم جا اڳواڻ الھرکيو کوسو، مصطفي دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻيا به موجود ھئا، دوري دوران اڳواڻن مذهبي عبادتگاهن، ثقافتي ماڳن، ڪارونجهر جي پاڻي ذريعي آباد ٿيندڙ زرعي زمينن ۽ ٻين مختلف ماڳن جو دورو ڪري مقامي ماڻهن کان رايا ورتا ويا، دوري بعد ننگرپارڪر شھر ۾ مقامي ماڻهن، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ، سول سوسائٽي اڳواڻن، شھرين ۽ صحافين سان ملاقات ڪري ڪارونجهر جي اھميت، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي پيروي ۽ ڪارونجهر سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي گفتگو ڪئي وئي. جتي مقامي ماڻهن تازو ئي معدنيات جي صوبائي وزير جي ڪارونجهر جي دوري بعد پيدا ٿيل صورتحال کان به آگاهه ڪيو، ملاقات بعد وڪيل سجاد چانڊيو، ڪامريڊ ابيرا اشفاق، حفيظ بلوچ الله رکيو کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مختلف وقتن جي پٿرن جي ڪٽائي ڪرڻ ۽ ليزن جي ٽينڊر جاري ڪرڻ بعد ماڻهون مزاحمت ڪري ٿو ته پوءِ حڪومتون پنهنجا فيصلا واپس وٺن ٿيون، ھنن چيو ته معاملا عدالتن تائين به پھتا، ڪجهه وقت اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ به پنهنجو فيصلو ٻڌايو ھو جنھن ۾ عدالت لکيو ته ھي سمورو جبل ڪارونجهر ئي آھي ان جو ڪو به پٿر ڪارونجهر رينج کان ٻاھر ناھي ۽ ان پٿر کي ڪٽڻ جي اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، ان فيصلي خلاف سنڌ حڪومت پرائيويٽ وڪيل جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آھي، جنهن جي ٻڌڻي اڳتي ھلي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿيندي، ان ۾ پھرين شنوائي تي سنڌ انڊيجينئس رائيٽس جا اڳواڻ عدالت جي سامهون پيش ٿيا ۽ ان ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ جي درخواست ڏني، ھنن چيو ته اسان ان سموري معاملي کي سمجهڻ لاءِ ننگرپارڪر آيا آھيون، اسان مختلف فورمن ۽ مقامي ماڻهن سان مليا آھيون ۽ ڪارونجهر جبل جا مختلف پاسا گھمي ڏٺا آھن، ھنن چيو ته اسان لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ۽ شيون سامھون نظر آيون آھن، ھنن چيو ته ڪارونجهر جبل مان برساتن وارو پاڻي نين ذريعي پاڻي اچي ڊيمن ۾ جمع ٿي ٿو جتان ھتان جا مقامي ماڻهون پاڻي استعمال ڪري زمينون آباد ڪن ٿا ۽ ناڻو ڪمائين ٿا. ڪائنات جو قدرتي سسٽم آھي جنھن ۾ ڪائنات قائم ٿيل آھي، ڪارونجهر به زمين تي ھڪ اھڙو جبل آھي جيڪڏهن ان کي ڪٽيو ويو ته ڪائنات جي سسٽم لاءِ به ھاڃيڪار عمل ھوندو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي ۽ زلزلا به اچي سگهن ٿا، ۽ ان پاسي به اسٽڊي ڪرائي وڃي، ھي معاملو صرف ثقافتي،تاريخي، تهذيبي ۽ مذهبي معاملو ناھي، ھي مقامي ماڻهن ۽ سموري علائقي جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جنوري جي آخر ۾ ڪراچي ۾ جلد ئي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جتي ملڪ ۽ صوبي جي لاڳاپيل موضوع جي ماھرن کي دعوت ڏينداسين، جنهن کان پوءِ ننگرپارڪر ۾ به ڪانفرنس ڪوٺائي مقامي ماڻهن سان ملي انھن کان معلومات وٺي ۽ انهن تائين معلومات پھچائينداسين، ان سان گڏوگڏ سياسي، سماجي، عالمي فورمن سميت عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس ۾ به سڀئي گڏجي ڪارونجهر جو دفاع ڪنداسين.