جڏهن به نوازشريف کي ڪڍيو ويو،امپائرن واپس آندو: مريم نواز

اوڪاڙه(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف تي ظلم ڪندڙ هر هڪ ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي رهيو آهي.اوڪاڙه ۾ مسلم ليگ(ن) جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اهو سڀ نوازشريف نه پر قدرت جو نظام ظالمن کان انتقام وٺي رهيو آهي. قدرت سوموٽو وٺي ڇڏيو آهي.مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بيٽ نه پر اهو ڏنڊو هو جيڪو انهن هٿ ۾ پڪڙي غريب عوام تي هلايو، انهي ڏنڊي سان فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا ان ڪري هڪ دهشتگرد پارٽي کي سياسي پارٽي جو نشان نٿو ملي سگهي. ٻين کي چور چور چوڻ واري گهڙي به نه ڇڏي. ان لاءِ هاڻ انهي جو چونڊ نشان چوري ٿيل گهڙي هجڻ گهرجي.مريم نواز چيو ته  گوڙ ڪيو پيو وڃي ته چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي، پر حقيقت ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو فراڊ پڪڙيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن کي عبرت جو نشان ملندو آهي، هن چيو ته اڳئين حڪومت ۾ مخالف ٻين جو احتساب ڪندي فرعون بڻيل هئا، اڄ پنهنجو نمبر آيو ته ميدان ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. عدالتن مان جوتا ڇڏي ڀڄڻ جي ڪهاڻي اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺي. جڏهن انسان نوازشريف جيان سچو هوندو آهي ته شينهن جيان بيٺل هوندو آهي نوازشريف عزت سان گهر مان ويو هو پر هي ذلت سان ويا آهن. کيس امپائر واپس آڻي رهيا آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.