نواز شريف جو معاشي ماهرن سان اجلاس، مهانگائي مان ڇوٽڪاري لاءِ رٿابندي

لاهور (م ڊ )مسلم ليگ ن عوام کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ معاشي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم  ليگ ن جي قائد نواز شريف جو اقتصادي ماهرن سان اهم مشاورتي اجلاس ٿيو. ترجمان مريم نواز موجب ملاقات ۾ شهباز شريف به شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ سڌارن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويو. ترجمان موجب اجلاس ۾ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اقتصادي منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي. ترجمان موجب اجلاس ۾ توانائي بحران جي خاتمي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا نقطا طئي ڪيا ويا. ٽيڪس سڌارن، زراعت، صنعت ۽ آئي ٽي جي ترقي لاءِ مراعتن تي ٻڌل پيڪيج تيار ڪيو ويو. نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسي پوائنٽس جوڙيا ويا. ترجمان جو چوڻ آهي ته سولر انرجي ۾ رعايتن جو عزم ۽ زراعت لاءِ خصوصي رعايت به پيڪيج ۾ شامل آهي. گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ وڏيون رعايتون به پيڪيج ۾ شامل آهن. تعليم، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جا وڏا منصوبا پڻ ترجيحي بنيادن تي رکيا ويا. ترجمان مريم نواز موجب ملاقات ۾ مجموعي معاشي سرگرمين کي قدم قدم تي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، معاشي رٿابندي جو فيصلو ماهرن جي تجويزن جي روشني ۾ ڪيو ويو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، صنعتن ۽ برآمدي شعبي لاءِ سڌارن جا اصول شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.