پاڪستان ۾ چونڊن جي مستقبل تي سواليه نشان آهي:ڊي ڊبليو

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر دلاور خان سينيٽ چيئرمين کي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ تي عمل نه ٿيڻ تي لکيو آهي، جڏهن ته ٻن وڌيڪ   سينيٽرن چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي. ڪيترن ئي حلقن طرفان اهو سوال اٿاريو پيو وڃي چونڊون ملتوي ڪرائڻ ڪير ٿو چاهي؟ نيشنل پارٽي جي سينيٽر محمد اڪرم بلوچ جو چوڻ آهي ته ڪجهه سينيٽرن جا اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا آهن. محمد اڪرم بلوچ ڊي ڊبليو کي ٻڌايو، ”لڳي ٿو ته ڪجهه طاقتور قوتون وقت تي چونڊون نه ٿيون چاهين ڇو ته کين ڊپ آهي ته نتيجو سندن اميدن جي ابتڙ نه اچي. محمد اڪرم بلوچ جو چوڻ آهي ته اهو ئي سبب آهي ته ڪجهه سينيٽرن پاران چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ پرچار ڪيو پيو وڃي. پاڪستان مسلم ليگ نون جي اتحادي جماعت جي هڪ سينيٽر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته ”نون ليگ به چونڊون نٿي چاهي ڇو ته ان کي خبر آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ ڏاڍي مضبوط پوزيشن ۾ آهي. کين ناڪامي ٿي سگهي ٿي. جنهن ڪري هنن چونڊ  مهم به شروع ناهي ڪئي. تجزيه نگار ڊاڪٽر توصيف احمد خان جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ضرور چاهي ٿي ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. ”ڪجهه طاقتور حلقا اڃا به چاهين ٿا ته اليڪشن ڳجهي هجي ته جيئن چونڊ مهم صحيح نموني نه هلي سگهي ۽ چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ هجي. توصيف احمد خان موجب جيڪڏهن ٽرن آئوٽ وڌيڪ آهي ته پي ٽي آءِ ڪيتريون ئي سيٽون کٽي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.