لکنئو (م ڊ ) اردو ٻوليءَ جو نامور شاعر منور رانا 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي شهر لکنئو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. منور رانا جي نياڻي سميعا رانا موجب، سندس والد کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب وينٽيليٽر تي رکيو ويو ۽ هن آچر جي رات پنهنجو آخري ساهه کنيو، منور رانا بيواهه، پٽ ۽ 4 ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب منور رانا گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيمار هو ۽ پي جي آءِ اسپتال ۾ داخل هو، هو وڏي عرصي کان گڙدن ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا رهيو،منور رانا مشاعرن جي رونق هو، سندس گهڻي قدر غزلن سموري دنيا ۾ داد حاصل ڪئي، کيس سندس هڪ نظم ” شهدبا “ لاءِ 2014ع ۾ ساهتيا اڪاڊمي ايوارڊ سان نوازو ويو، هو 26 نومبر 1952 تي راءِ بريلي، اتر پرديش ۾ پيدا ٿيو، هن کي اردو ادب ۽ شاعري، خاص طور تي ان جي غزلن جي ڪري وڏي پيماني تي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به منور رانا جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ايڪس تي پوسٽ ۾ نريندر مودي چيو ته منور رانا جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هن اردو ادب ۽ شاعري جي مدان ۾ پنهنجون تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون.