ميهڙ: جمالي ۽ کوسا برادري ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، ٻه زخمي

ميهڙ ( رپورٽر فراز چنا) ميهڙ ويجهو جمالي ۽ کوسا ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، سندس 2 ڀائٽيا سخت زخمي ٿي پيا.
ميهڙ ڀرسان حاجن شاهه قبرستان وٽ ٻيٽو روڊ تي حاضري تي ايندڙن مٿان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ راحب جمالي مارجي ويو، سندس ڀائٽيا آدم ۽ يعقوب سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بعد زخمي هڪ ڪلاڪ تائين روڊ تي تي تڙپندا رهيا.
واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهچي ويا، مقتول جو لاش ۽ زخمي ميهڙ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي
مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته محمد نواز کوسو سميت6 جوابدارن حملو ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
واضح رهي ته ڳوٺ ڇن ڀنڀور واري علائقي گھر پنھنجا ۾ کوسا ۽ جمالي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي،پنج سال اڳ ٻارن جي ڳالهه ۽ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران مير حسن کوسو مارجي ويو هو
علائقي واسين موجب، مير حسن کوسو جي قتل بعد هڪ ڌر نصيرآباد لڏي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.