ناريءَ غير ضروري ڪم کان روڪڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) راجسٿان جي شهر ڪوٽا ۾ موبائل فون جي وڌيڪ استعمال کان روڪڻ تي ناري آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مسلسل موبائل استعمال ڪرڻ تي پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي ڇنڊ پٽي، جنهن تي ناري پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن گهر وارن کيس رات جي کاڌي لاءِ گهرايو ۽ اندران ڪو جواب نه آيو ته اهي در ڀڃي اندر داخل ٿيا، جتي ناري مئل حالت ۾ ملي.
پوليس موجب ناري جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس ٻڌايو ته پيءَ موبائل فون جي وڌيڪ استعمال تي ڌيءَ تي ڪاوڙ ڪئي ۽ کيس پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جو چيو، جنهن تي ناري ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.