اردو جو مشهور شاعر منور رانا لکنئو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لکنئو ( ويب ڊيسڪ ) اردو ٻوليءَ جو نامور شاعر منور رانا 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي شهر لکنئو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
منور رانا جي نياڻي سميعا رانا موجب، سندس والد کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب وينٽيليٽر تي رکيو ويو ۽ هن آچر جي رات پنهنجو آخري ساهه کنيو.
منور رانا مشاعرن جي رونق هيو، سندس گهڻي قدر غزلن سموري دنيا ۾ داد حاصل ڪئي، کيس سندس هڪ نظم ” شهدبا “ لاءِ 2014ع ۾ ساهتيا اڪاڊمي ايوارڊ سان نوازو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.