لاس ويگاس ۾ هلندڙ هفتي ٿيندڙ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ عورتن سان منسوب هڪ ايوي مُنڊي ٻيهر پيش ڪئي وئي آهي.
اِها عورتن جي صحت لاءِ ڊيزائن ڪيل سمارٽ منڊي آهي، مووانا هيلٿ ڪمپني طرفان تيار ڪيل ايوي رنگ، صحت، ننڊ ۽ تندرستي جا انگ اکر ٽريڪ ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي.
هزارين عورتن جي انٽرويوز ۽ بايو ميٽرڪس تي وسيع تحقيق کانپوءِ مووانا هيلٿ ” ايوي رنگ “ ۽ سان گڏ موجود ايپ تيار ڪئي ته جيئن عورتن کي سندن زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ صحت ۽ تندرستي جي اعتماد جوڳي ڄاڻ فراهم ڪري سگهجي.
ايوي رنگ عورتن جي صحت جي درست نگراني لاءِ هٿرادو ذهانت ۽ ميڊيڪل گريڊ بايو ميٽرڪ سينسرز استعمال ڪندي آهي، اِها ايل اي ڊي سان به ليس آهي جيڪا درستي لاءِ آپٽيڪل سگنلز جو معيار بلند ڪرڻ جي خاطر روشني خارج ڪندي آهي.
هن سمارٽ رنگ کي سڀ کان پهرين سي ايِ ايس ۾ لانچ ڪيو ويو هو پر اِها خريداري لاءِ دستياب نه هئي، منڊي کي سي ايِ ايس 2024ع ۾ ٻيهر نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
You might also like