اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ترجمان شعيب شاهين چيو آهي ته عوام جلد لنڊن پلان جو پوسٽ مارٽم ڪندو، اوڪاڙا جي عوام ڪرپشن جي راڻي کي رد ڪري ڇڏيو.
مريم نواز جي اوڪاڙا ۾ جلسي تي ردعمل ڏيندي شعيب شاهين چيو ته تعليمي ادارا بند ڪرائي به انهن کي ڪاميابي نه ملي، سڄي قوم کي خبر آهي ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ملي، عوام ڄاڻي ٿو ته انتقام جي باهه ۾ اهي پاڻ سڙندا.
هن چيو ته ٻين کي دهشتگرد چوندڙ ن ليگ پاڻ ماڊل ٽائون سميت ٻين سانحن جي ذميوار آهي، عوام ڄاڻي چڪو آهي ته عمران خان هڪ سچو ۽ بهادر ليڊر آهي، فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي.
You might also like