لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي اوپنر بيٽر احمد شهزاد هڪ ڀيرو وري تڪرار جو شڪار ٿي ويو آهي.
قومي اوپنر احمد شهزاد پريزيڊنٽ ڪپ ۾ ميچ ختم ٿيڻ کان اڳ لاهور هليو ويو جنهن کانپوءِ ايس اين جي پي ايل، پي سي بي وٽ لکت ۾ احتجاج جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ايس اين جي پي ايل جو چوڻ آهي ته گرائونڊ ۾ اچڻ بنا رانديگر ڪيئن شهر ڇڏي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، ڊائريڪٽر نديم خان، بورڊ ۽ ٽيم مئنيجمينٽ معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي، ڪميٽي ٺاهي فيصلو ڪيو ويندو.
احمد شهزاد يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ پريزيڊنٽ ٽرافي ميچ دوران اين جي پي ايل خلاف واپڊا جي نمائندگي ڪئي، پر هو ميچ مڪمل ڪرڻ کانسواءِ لاهور هيل ويو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد شهزاد کي چيلهه ۾ تڪليف ٿي جنهن کانپوءِ کيس ميڊيڪل عملي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي مشوري کانپوءِ ميدان ڇڏي ضروري ٽيسٽ لاءِ لاهور وڃڻو پيو.
You might also like