اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مون کي ڊونلڊ لو ۽ جنرل باجوا کي ايڪسپوز ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، بلاول سان چونڊ اتحاد نٿو ٿي سگهي.
ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته دشمنن سان به ايتري نفرت نه ڪيو جو انصاف نه ڪري سگهو، بيٽ جي ڪيس لاءِ 5 رڪني بئنچ هجڻ گهرجي ها.
هن چيو ته سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، عمران خان جو جيل ۾ هجڻ، پي ٽي آءِ جو خاتمو ۽ نواز شريف جو ڪيس معاف ٿيڻ لنڊن پلان جو حصو آهي، سڀ ڪجهه اهو ٻڌائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي ته اهي قانون کان مٿانهان آهن.
سندس چوڻ هو ته مون کي ڊونلڊ لو ۽ جنرل باجوا کي ايڪسپوز ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، افسوس ته سپريم ڪورٽ به لنڊن ايگريمينٽ تحت هلي رهي آهي.
پ پ سان چونڊ اتحاد جي خيال کي رد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بلاول سان چونڊ اتحاد نٿو ٿي سگهي.
عمران خان چيو ته پارٽي ان ڪري ڪرش ٿي، ڇو ته عوام سان گڏ بيٺا آهيون، پي ٽي آءِ جون 850 ٽڪيٽون هيون پر مشاورت لاءِ رجسٽر به جيل اچڻ نه ڏنو ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like