ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي ميدان ۾ دلچسپ حرڪتن جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته منهنجي طبعيت ٻاراڻي آهي، جنهن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان.
فاسٽ بالر حسن علي نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميزبان جي سوالن جا جواب ڏنا.
حسن علي چيو ته جيڪڏهن منهنجي حرڪتن تي شوقين خوش ٿين ٿا پوءِ مون کي ڪو مسئلو نه آهي.
هن چيو ته بابر اعظم طرفان سئو ڊالرز جي چئلينج تي ڪورز تي سلائيڊ ڪئي هئي، وڌيڪ 5 کان 6 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو، ريڊ بال کيڏڻ کانسواءِ ڪو به وڏو ڪرڪيٽر نه ٿو بڻجي سگهي.
نوجوان رانديگرن جو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ واري سوال تي حسن علي چيو ته هو سمجهي ٿو ته ڪو به چار ڏينهن واري ڪرڪيٽ کيڏڻ کانسواءِ پليئر نه ٿو بڻجي سگهي ڇو ته ان مان ئي اوهان راند جي ٽيڪنيڪ سمجهي سگهو ٿا.
You might also like