اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسان عوام سان ڪيل ظلم جو پلاند وٺڻ نڪتا آهيون.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عوام سان سنگين ظلم ٿيو، عوام سان ڪيل ظلم جو پلاند وٺڻ نڪتا آهيون.
هن چيو ته مان پنهنجي خلاف ڪيسن تي ڪا دانهن نه ڪئي، معاملو الله تي ڇڏيو آهي، راولپنڊي جي ماڻهن کي احساس آهي ته خدمت ڇا جو نالو آهي ۽ ڪنهن ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مان چلو به ڪاٽيو ۽ قرباني به ڏني، واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف پريس ڪانفرنس نه ڪئي، ڪڏهن ڪنهن جي خلاف غلط بياني ڪئي ۽ نه ڪندس.
You might also like