بن قاسم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري پائپ لائن مان تيل چوري پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بن قاسم مان هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري پائپ لائن مان تيل چوري پڪڙي وئي.
ڪراچي ۾ بن قاسم ٿاڻي جي حدن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري پائپ لائن مان تيل جي چوري پڪڙي وئي، جوابدارن سرڪاري ڊيزل جي لائن مان چوري لاءِ ڪلپ لڳائي هئي.
واقعي جي انڪشاف کانپوءِ پارڪو ملازم جي فرياد تي بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ عبدالوهاب، جاويد، حسن نالي جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدارن گودام مسواڙ تي ورتو، اڃا تائين ڪنهن جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي، سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.