ڇوڪريءَ جو روپ اختيار ڪري گرل فرينڊ جو امتحان ڏيندڙ نوجوان پڪڙجي پيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي شهر فريد ڪوٽ ۾ پنهنجي گرل فرينڊ جو امتحان ڏيڻ لاءِ ڇوڪريءَ جو روپ اختيار ڪندڙ نوجوان پڪڙجي پيو.
اهو واقعو 7 جنوري تي پيش آيو، جنهن ۾ انگريز سنگهه نالي نوجوان پنهنجي گرل فرينڊ پرمجيت ڪور جهڙو لباس ۽ انداز اختيار ڪري امتحان ڏيڻ پهتو.
انگريز سنگهه ان ڳالهه کان لاعلم هو ته هو پڪڙيو ويندو، ڇو ته ان پنهنجي طرفان مڪمل تيار ڪئي هئي پر امتحاني مرڪز تي عملي ان کي پڪڙي ورتو ۽ فوري طور پوليس کي شڪايت ڪئي.
پوليس موجب انگريز سنگهه وڏو بحث ڪيو ته هو پرمجيت آهي پر ناڪام ٿيو، هو دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ها پر بائيو ميٽرڪ سسٽم ۾ مار کائي وويو.
پوليس انگريز سنگهه کي حراست ۾ وٺي پرمجيت ڪور خلاف به ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.