هي بيٽري بنا چارج جي 50 سال هلندي!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هڪ چيني اسٽارٽ اپ اهڙي بيٽري ٺاهي آهي، جيڪا چارجنگ يا مرمت بنا 50 سالن تائين بجلي جي پيداوار ڪري سگهي ٿي.

بيجنگ جي مقامي ڪمپني بيٽاوولٽ موجب ان جي نيوڪليئر بيٽري جوهري توانائي جي مختصرڪاري جو پهريون نمونو آهي، سڪي کان ننڍي ان ماڊل ۾ 63 نيوڪليئر آئسوٽوپس رکيا ويا آهن.

ڪمپني چيو ته جديد جنريشن جي بيٽري پائلٽ آزمائش جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ فون ۽ ڊرون جهڙي معاشي استعمال لاءِ ان جي وڏي پئماني تي پيداوار شروع ٿيڻ واري آهي.

ڪمپني هڪ پريس رليز ۾ ٻڌايو ته بيٽاوولٽ جي جوهري توانائي جون بيٽريون ايرو اسپيس، هٿرادو ذهانت جي اوزار، طبي اوزار، مائڪرو پروسيسر، جديد سينسر، ننڍي ڊرون ۽ مائڪرو روبوٽ ۾ ڊگهي توانائي جي فراهمي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، اها بيٽري 100 مائڪرو واٽ ۽ 3 والٽ جي بجلي ٺاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.