اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نندي پور ۽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نجڪاري ڪميشن ذريعن موجب گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ پاور پلانٽن جا شيئرز پي ايس او کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور پلانٽن جا شيئرز پي ايس او کي ملڻ سان گئس سيڪٽر جو گردشي قرض 100 ارب رپيا گهٽ ٿيندو، نندي پور ۽ گڊو پاور پلانٽ سوئي گئس ڪمپنين کي 100 ارب رپين تائين عدم ادائيگي ڪئي آهي، ٻنهي پاور پلانٽن جا 100 اربن جا ڪنٽرولنگ اسٽيڪ پي ايس او کي ڏنا ويندا.
ذريعن موجب نندي پور ۽ گڊو پاور پلانٽ کي نجڪاري فهرست مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پاور پلانٽن جي شيئرز سان وفاقي حڪومت سوئي گئس ڪمپنين کي رهتون ڪليئر ڪرائيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور پلانٽن کي نجڪاري فهرست مان ڪڍڻ لاءِ توانائي واري وزارت، پيٽروليم ۽ نجڪاري ڪميشن راضي ٿي ويا آهن پر پاور پلانٽن کي نجڪاري فهرست مان ڪڍڻ لاءِ حتمي منظوري وفاقي ڪابينا سان مشروط آهي.
Next Post
You might also like