ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪين وليمسن ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هيم اسٽرنگ انجري جو شڪار ٿيو جنهن کانپوءِ ٻڌايو پيو وڃي ته هو پاڪستان خلاف سيريز جي باقي ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو سندس جاءِ تي ٽِم سيفرٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪين وليمسن آرام سبب ڊينڊن ۾ ٽين ميچ نه کيڏڻي هئي ۽ ڪرائسٽ چرچ ۾ شيڊيول چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ سندس واپسي ٿيڻي هئي.
ڪيوي ڪوچ گيري اسٽيڊ جو چوڻ آهي ته ڪين وليمسن جو سيريز ۾ وڌيڪ کيڏڻ جو امڪان نه آهي، ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز به ويجهو آهي، سندس حوالي سان ڪو به خطرو نٿا کڻي سگهون.