ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي ثقافت ۽ نوادرات واري نگران وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب ڪيترائي قديمي ماڳ متاثر ٿيا آهن، مستقبل جي منصوبن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو ته ڪيئن اسان تاريخي ماڳن کي موسمي اثرن کان محفوظ رکي سگهون ٿا، سنڌو ماٿري ۽ آس پاس جي تهذيبن جي آثارن تي تحقيق لاءِ ليبارٽريون، انساني وسيلن سميت ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تحت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌو ماٿري جي تهذيب کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگهي. هن اها ڳالهه نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي ۾ سنڌ جي نوادرات کاتي ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن ايڊونچر سوسائٽيءَ جي گڏيل سهڪار سان “سنڌو ماٿري جي تهذيب ، هڪ اڻپورو ايجنڊا“ جي عنوان سان ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نوادرات کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد قناصرو، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر جونٿن مارڪ ڪنائر، اٽلي کان آيل مھرين بخاري، ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، ڊاڪٽر اسماءَ ابراهيم، آمريڪا مان آيل ڊاڪٽر جوزف شلڊنرين، هنزه يونيورسٽي جي ظفر اقبال، هزاره يونيورسٽي جي ذاڪر خان ۽ ٻين پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، جڏهن ته محققن ۽ شاگردن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو ماٿري تهذيبن جي ماءُ جي حيثيت رکي ٿي، اسان قيمتي تهذيب جي خزاني جي مٿان ويٺا آهيون، سنڌ جي نوادرات کاتي پاران حب ۾ آرڪيالاجيڪل ليبارٽري جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، ان کان اڳ قيمتي نوادرات کي تحقيق جي لاءِ اٽلي، فرانس يا ٻين ملڪن ۾ تحقيق لاءِ موڪليا ويندا هئا، پر هاڻي ملڪي سطح تي نوادرات تي تحقيق ممڪن ٿي سگهندي. صوبائي وزير چيو ته سنڌو ماٿري کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ سنڌو درياهه جي نقشي سازي ضروري آهي، جنهن کي جلد ڊاڪيومينٽ جي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو، جنهن سان سنڌو ماٿري سان لاڳاپيل رستن کي سمجهڻ ۾ پڻ مدد ملندي، ڊاڪٽر جنيد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب ڪيترائي آثار قديمه وارا ماڳ متاثر ٿيا آهن، مستقبل جي منصوبن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو ته ڪيئن اسان تاريخي ماڳن کي موسمي اثرن کان محفوظ رکي سگهون ٿا. ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري چيو ته سنڌو ماٿري جي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ۽ ان جي ڀرپاسي جي تهذيبن جي آثارن کي سمجهڻو پوندو.