ٺٽي مان جماعت اسلامي جي اميدوار کي هراسان ڪرڻ جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ٺٽي مان صوبائي تڪ 76 تي جماعت اسلامي جي نامزد اميدوار محمد علي خٽڪ سنڌي توڙي خاندان کي هراسان ڪرڻ توڙي ھٿ کڻڻ لاء دٻاءُوجھڻ جي سخت مذمت ڪندي گھر ڪئي آھي ته انتظاميا ۽ ادارا نوٽس وٺن ۽ جماعت اسلامي جي اميدوار کي تحفظ ڏنو وڃي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو ته ساڳي تڪ تي بيٺل پ پ جي اميدوار توڙي ڇاڙتن طرفان جماعت اسلامي جي اميدوار کي حراسان توڙي گھرڀاتين کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون سنڌ جي روايتي ڪلچر توڙي جمھوري عمل خلاف آھي. پيپلزپارٽي پارٽي جي قيادت کي پڻ اھڙي پنھنجي اميدوار توڙي ان جي حامين جي غيرجمھوري و غير اخلاقي عمل جو نوٽس وٺڻ گھرجي. اھو نه  وسارڻ گھرجي ته اميدوار ڪو نڌڻڪو آھي. ڌمڪين توڙي حراسان ڪرڻ جو عمل بند ڪونه  ٿيو ته پوءِ جماعت اسلامي پڻ جوابي ڪاروائي توڙي قانوني چارہ جوئي جو حق محفوظ رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.