ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت سنڌ ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي شير افضل مروت چيو ته هو ٽڪيٽن جي ورڇ جي مذمت ڪري ٿو، جيڪي ٽڪيٽ هولڊر جلسي ۾ شريڪ ناهن اهي اسان جا وفادار ناهن. شير افضل مروت چيو ته ڪراچي جا ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن پر جن ماڻهن کين ريلي جي دعوت ڏني هئي اهي گهرن مان نه نڪتا. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي عوام ساٿ نه ڏئي ته فتح ممڪن ناهي.