لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ مصدق ملڪ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي نواز شريف جي اقتدار بابت جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن اهي درست ناهن، لاهور ۾ الحمرا هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي اسان جو دوست آهي، ان جي بيان تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان،هو جنهن جماعت تي تنقيد ڪري رهيو آهي هو سڄي زندگي ان جماعت جو حصو رهيو آهي، شاهد خاقان عباسي جي تنقيد نواز ليگ نه پر هن جي پنهنجو پاڻ مٿان تنقيد آهي، بيٽ متعلق سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو آيو ان تي نٿو ڳالهائي سگهان، فيصلو پڙهيو ئي ناهي، هر هڪ کي اجازت هجڻ گهرجي ته هو پاڪستان ۾ سياست ڪري، پنهنجي ڪارڪردگي تي نواز شريف نئون ويزن قوم جي سامهون آڻي رهيو آهي، عوام فيصلو ڪنديو ته تير شينهن جو شڪار ڪيو يا نه، سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ڪئي وڃي ڀلي پوءِ خبر پوندي ته تير ڪنهن جو شڪار ڪندو، نواز شريف قدر آور شخصيت آهي ۽ ان جي اچڻ سان ٿرٿلو مچي ويندو آهي.