تاج حيدر پاران پ پ اميدوار کي تير جو نشان نه ملڻ تي اي سي پي کي خط

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي صوبائي تڪ پي پي 163 (پنجاب) تان پارٽي جي اميدوار محمد فياض ڀٽي کي چونڊ نشان جي الاٽمينٽ ۾ مبينا بي ضابطگين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽر تاج حيدر خط ۾ لکيو ته محمد فيض ڀٽي 12 جنوري 2024 تي  لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر کي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي هئي. هو آزاد اميدوار طور لسٽ ۾ شامل ٿيو ۽ پيپلز پارٽي جي گهربل ’تير‘ نشان بدران چينڪ‘ نشان الاٽ ڪيو ويو. هي غير متوقع تبديلي چونڊ عمل جي سالميت بابت سنگين خدشا پيدا ڪري ٿي. اسان کي خدشو آهي ته اها پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ڪمزور ڪرڻ جي ارادي جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي ۽ ايندڙ چونڊن جي شفافيت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. تاج حيدر مطالبو ڪيو ته پي پي 163 لاءِ محمد فياض ڀٽي کي تير جي نشان جي صحيح الاٽمينٽ کي يقيني بڻائي ان بي ضابطگي کي ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.