ڪيٽي بندر ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، عورتن سميت 5 زخمي

ڪيٽي بندر/ ڳاڙهو (نمائندن وٽان) ڪيٽي بندر جي ڳوٺ  جنگيسر تڙ ڀرسان ٽانڊيا ۽ گجڙيا برادري جي ٻن ڌرين ۾  پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ھڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ، گوليون  لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو  موقعي  تي مارجي ويو ، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ جنگيسر تڙ ڀرسان انڊيا ۽ گجڙيا برادري ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻنھي ڌرين ۾ خوني جھيڙو ٿي پيو  ٻنھين ڌرين پاران جھيڙي ۾ آتشي ھٿيارن ھڪ ٻئي مٿان سڌي طرح جو استعمال ڪيو ويو جھيڙي جي نتيجي ۾ 20 سال نوجوان رحمت الله پٽ محمد حنيف ٽانڊيو گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي مارجي ويو .جڏھن ته ٻن عورتن آمنه زال اڱاريو گجڙيو،ماروي زال رضامحمد گجڙيو، اڱاريو پٽ اسماعيل گجڙيو، حبيب الله پٽ حنيف ٽانڊيو،روشن پٽ حنيف چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي رورل ھليٿ سينٽرٻگھاڻ تان فرسٽ ايڊ ڏنو ويو ھوڏانھن رورل ھيلٿ سينٽر ٻگھاڻ تي ايمبولينس جي سروس نه ھجن ڪري جھيڙي جا زخمي ھڪ ڪلاڪ تائين تڙپندا رھيا جڏھن ته جھيڙي جي زخمين کي پرائيوٽ گاڏيون وسيلي سول اسپتال ڪراچي موڪليو ويو. ايس ايڇ ٻگھاڻ پنھنجي پوليس ٽيم سان جھيڙي واري ھنڌ فوري پھچي ڌرين ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو،  مقتول رحمت الله ٽانڊي جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال مڪلي موڪليو ويو، واضح رهي ته ڪجهه سالن کان ٻنھين ڌرين ۾ سگاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ڪافي ڀيرا ھڪ ٻئي مٿان حملا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.