دل جو ڌڙڪو ۽ جسم جو پارو ٻڌائيندڙ ايئربڊز متعارف

آڊيو اوزار ٺاهيندڙ مشهور جرمن ڪمپني سينهائزر دل جو ڌڙڪو ۽ جسم جو پارو ڄاڻيندڙ ايئربڊز متعارف ڪرائي ڇڏيا.

سينهائزر اهڙا نوان ائيربڊز متعارف ڪرايا آهن جيڪي نه رڳو اوهان جي ڪنن کي بهتر انداز ۾ اوهان جي پسنديدهه آواز ٻڌائيندا پر دل جو ڌڙڪو ۽ جسم جو پارو ٻڌائڻ جي به صلاحيت رکن ٿا.

سينهائزر پنهنجي انهن ايئربڊز کي ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو (سي اي ايس) 2024ع ۾ لانچ ڪيو.

اِهي ايئربڊز دل جو ڌڙڪو ۽ جسم جو پارو0 ڪيئن ٻڌائين ٿا؟

ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ايئربڊز ڪنهن به عام وائرليس ايئربڊز کان مختلف آهن ڇو جو اِهي فوٽوپليٿيسموگرافي سينسر (photoplethysmography sensor) جي مدد سان دل جي ڌڙڪي جي رفتار ٻڌائين ٿا ۽ انهن ۾ موجود گرمي پد سينسر جسم جو پارو ٻڌائي ٿو.

انهن ايئربڊز سان اوهان پنهنجي آءِ فون جي ايپل هيلٿ ايپ سميت ٻين گيجٽس جي ايپس تي به ڊيٽا منتقل ڪري سگھو ٿا.

ايئربڊز جا ٻيا فيچرز:

The Sennheiser Momentum Sport earbuds اوهان کي من پسند آوازن سان گڏوگڏ ماحول جي آواز کان به باخبر رکن ٿا جڏهن ته اوهان ان جي Active Noise Cancellation فيچر سان ٻاهريون آواز ختم ڪري من پسند آواز مان پوري ڌيان سان مزو وٺي سگھو ٿا.

ان کانسواءِ اهي ايئربڊز ڪِري بعد سولائيءَ سان ٽٽڻ وارا به ناهن جڏهن ته انهن جو آءِ پي 55 انهن کي پاڻي ۽ مٽيءَ جي ذرڙن کان محفوظ رکي ٿو.

جيڪڏهن ان جي بيٽري هيلٿ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته اهي هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 6 ڪلاڪ سولائيءِ سان ڪڍي سگھن ٿا.

اِهي ايئربڊز مختلف رنگن ۾ متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪي 9 اپريل 2024ع تي عوام لاءِ دستياب هوندا.

ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا ۾ انهن ايئربڊز جي قيمت 330 ڊالرز هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.