جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ منظوري کانپوءِ ججز ڪميٽي تبديل

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ منظوري سان ججز ڪميٽي جي جوڙجڪ تبديل ٿي وئي. جسٽس اعجاز جي استعيفيٰ کانپوءِ ٽي رڪني ججز ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه شامل ٿي ويو جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه سپريم جڊيشل ڪائونسل جو به حصو بڻجي ويو آهي. جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ به جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ سان تبديل ٿي وئي آهي. جڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جا چار سينيئر جج شامل هوندا آهن، جسٽس يحييٰ آفريدي هاڻ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ڇڏي هئي . صدر سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفا منظور ڪري ورتي صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفا منظور ڪري ورتي. صدر نگران وزيراعظم جي مشاورت سان جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ منظور ڪئي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي کانپوءِ گذريل ڏينهن جسٽس اعجاز الاحسن به پنهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي هئي.جسٽس اعجاز الاحسن هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ سينيارٽي جي حساب سان ملڪ جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿيڻ وارو هو.جسٽس اعجاز الاحسن چيف جسٽس طور آگسٽ 2025 ۾ رٽائر ٿئي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.