عالمي اقتصادي فورم جي گلوبل رسڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي شدت ۽ گمراهه ڪندڙ انفارميشن ايندڙ 2 سالن ۾ ڪنهن عالمي بحران جو سبب بڻجي سگھن ٿا.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن هِن سال چونڊجندڙ حڪومتن جي قانوني حيثيت کي متاثر ڪري سگھي ٿي.
رپورٽ موجب 2024ع انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو اليڪشن جو سال آهي، پاڪستان، انڊيا، انڊونيشيا، ميڪسيڪو، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ هن سال عام چونڊون آهن، مس انفارميشن جي ڪري داخلي پروپيگينڊا ۽ سينسرشپ ۾ به اضافو ٿيندو.
رپورٽ ۾ ايندڙ ٻن سالن جا امڪان ناڪاري ٻڌايا ويا آهن جيڪي ايندڙ هڪ ڏهاڪي ۾ وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا.
عالمي اقتصادي فورم جي رِسڪ رپورٽ ۾ عام سماجي راءِ ۾ اختلافي شدت ۽ مهانگائيءَ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.
You might also like