بابر جي فارم ۾ واپسي سٺو سنئوڻ آهي، هن مان وڏيون اميدون آهن: عمر گل

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ عمر گل نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست تي چيو آهي ته ڪيچز ڊراپ ڪرڻ مهانگو پيو، جيڪڏهن ڪيچز ٿين ها ته نتيجو مختلف هجي ها، ايندڙ ميچن ۾ واپسي ڪنداسين.
پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ 46 رنسن تان ڪاميابي ماڻي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ميچ کانپوءِ قومي ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ عمر گل آڪلينڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هن ميدان تي ٻه سئو کان وڌيڪ رنسن جو هدف چيز ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته صائم ايوب سٺي شروعات ڪئي پر بدقسمتي سان هو رن آئوٽ ٿي ويو، نيوزيلينڊ جي پچز بابت ڄاڻ هئڻ ضروري آهي، محمد حفيظ آگاهه ڪيو هو ته پچ جي پاسي کان ڊوڙڻو آهي.
سندس چوڻ هوته عباس آفريدي کي ميچ کان پهرين ميچ دوران ٻڌايو ته هارڊ لينٿ کي استعمال ڪرڻو آهي، سلو ورائٽي سان بالنگ ڪرڻ لاءِ به چيو.
هن وڌيڪ چيو ته فيلڊنگ سبب ميچ جي نتيجي تي ڏاڍو اثر پوندو آهي، ڪيچز ڊراپ ڪرڻ مهانگو پيو، جيڪڏهن ڪيچز ورتا وڃن ها ته نتيجو مختلف هجي ها، سيريز جي پهرين ميچ هئي، اسان غلطيون درست ڪرڻ بابت ويچارينداسين.
بابر اعظم بابت عمر گل چيو ته بابر اعظم اسان جو ٽاپ پليئر آهي، دنيا جي بهترين بيٽرز منجهان هڪ آهي، هو آئوٽ آف فارم نه هو، ڪڏهن ڪڏهن قسمت ساٿ ناهي ڏيندي، هن مان وڏي اننگز جي اميد هئي، اڄ بابر جنهن انداز سان بيٽنگ ڪئي اِهو سٺو سنئوڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.