بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيون بيٽر بڻجي ويو آهي.
بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 35 بالن تي ڇهن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 57 رنسن جي اننگز کيڏي.
بابر اعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 105 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مقابلن ۾ 42.12 جي ايوريج سان ٽي هزار پنج سئو اٺٽيهه رنسون ٺاهيون آهن.

May be an image of 5 people and text that says 'MOST RUNS IN T20Is 4008 VIRAT KOHLI (107 INNINGS) 3853 ROHIT SHARMA (141 INNINGS) 3542 BABAR AZAM (99 INNINGS) 3531 MARTIN GUPTILL (118 INNINGS) 3438 PAUL STIRLING (133 INNINGS) CricTracker'
فهرست ۾ ويرات ڪوهلي 115 مئچن ۾ 52 ڏهائي 74 جي ايوريج سان چار هزار 8 رنسون ٺاهي پهرين جڏهن ته سندس هم وطن روهت شرما 148 ميچن ۾ 31 ڏهائي 33 جي ايوريج سان ٽي هزار 553 رنسون ٺاهي ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ان فهرست ۾ نائب ڪپتان محمد رضوان جو نائون نمبر آحي هو 86 ميچن ۾ 48 ڏهائي 66 جي ايوريج سان ٻه هزار 822 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.