پاڪستاني عورت آمريڪي شهر جي ميئر چونڊجي وئي

نيوجرسي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيو جرسي جي شهر مائونٽ لوريل ۾ فوزيه جنجوعه پهرين پاڪستاني آمريڪي ميئر چونڊجي وئي آهي.
پهرين پاڪستاني آمريڪي ميئر فوزيه جنجوعه مڙس ۽ چئن ٻارن جي موجودگي ۾ قرآن پاڪ تي حلف کنيو.
فوزيه جنجوعه چيو ته کيس پاڪستاني پس منظر تي فخر آهي، اهو اعزاز آهي ته هوءَ شهر جي پهرين مسلمان ۽ پاڪستاني ميئر بڻي آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس پيءُ جو واسطو چڪوال ۽ ماءُ جو لاهور سان آهي، سندس پيءُ ماءُ 1970ع ۾ آمريڪا لڏي آيا هئا ۽ هوءَ آمريڪا ۾ ئي ڄائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.