لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ کانپوءِ لاهور ۽ پشاور جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ جا افواهه زور پڪڙي ويا آهن.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته رياستي ادارن ۾ عمران پراجيڪٽ جي ڪردارن لاءِ سمورا دروازا بند ڪيا ويا آهن ۽ اهڙو پيغام پراجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪردارن کي پهچايو ويو آهي.
ان ڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هاڻي پشاور ۽ لاهور جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ واريون آهن، خاص طور عمراندار طور مشهور جج گهر وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 12 جنوري 2024ع تي شايع ٿي