پ پ ۾ اختلاف،مٽياري جي ضلعي صدر علي حسن شاهه ڄاموٽ جي استعيفيٰ

مٽياري( رپورٽ:  ضمير خاصخيلي) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ضلعي مٽياري جون ٽئي سيٽون اين اي 216 . پي ايس 56 ۽ پي ايس 57  جون ٽڪيٽون صرف ھڪ ئي مخدوم خاندان حوالي ڪرڻ واري فيصلي کان پوء پيپلز پارٽي ضلعي مٽياري ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آھن پارٽي جي فيصلي سان ڪاوڙيل پي پي ضلعي مٽياري جي صدر سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ پنھنجي پارٽي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي رابطي ڪرڻ تي سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ جو چوڻ ھو ته پوئين پندرھن سالن کان ضلعي جون ٽئي سيٽون ان کان علاوہ ضلعي جي چيئرميني صرف ھڪ ئي خاندان حوالي ٿيل آهن ھن چيو ته مخدوم ھائوس پوئين پندرھن سالن ۾ ضلعي لاءِ ڪجهھ نه ڪيو آھي ان ڪري ضلعي جي عوام کي مخدوم ھائوس جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ نٿو چئي سگھان ھن چيو ته پ پ  شھيدن جي پارٽي آھي پارٽي جي ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪندس باقي صدارت تان استعفا ڏيان ٿو واضح رھي ته سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ اڳوڻي ايم اين اي طارق شاھ ڄاموٽ ۽ سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ جو سئوٽ آھي ٻئي پاسي ضلع صدر جي استعيفيٰ کان پوءِ پ پ تعلقه سعيدآباد جي صدر رئيس غني ميمڻ پاران به پارٽي فيصلي خلاف اختلاف سامھون اچي ويا آھن جنھن جو چوڻ ھو ته ضلعي مٽياري ۾ پيپلز پارٽي ھڪ ئي خاندان وٽ يرغمال بڻيل آھي ان ڪري پارٽي کي ٽڪيٽن جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ٻئي پاسي ٽڪيٽن جي فيصلي تي پارٽي سان ڪاوڙيل پ پ سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ به رابطا وڌائي ڇڏيا آھن گذريل ڏينھن جي ڪٺ کان پوءِ اڄ سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ پاران اڳوڻي ڪاموري سيد مشتاق شاھ سان ملاقات جا به اطلاع ملي رھيا آھن ھوڏانھن سينيٽر سيد محمد علي شاھ جي ڀاءُ سيد تيمور شاھ ڄاموٽ جي ڊي اي اميدوار سيد جلال شاھ ھاشمي سان ڊگھي ملاقات پڻ ڪئي آھي . ھڪ پاسي نواز ليگ سنڌ جي صدر جي ڌڙا ڌڙ سرگرمين بعد پيپلز پارٽي ۾ اندروني اختلاف پارٽي کي وڏو نقصان ڏئي سگھن ٿا هوڏانهن پيپلزپارٽي ضلعي صدر علي حسين شاهه ڄاموٽ کي پيپلزپارٽي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي

ٻاهرين ملڪ نه مٽياري جو رهواسي آهيان: مخدوم فخرالزمان

مٽياري(ڊ ر) هالا جي مخدوم خاندان سان تعلق رکندڙ پارٽي ٽڪيٽ هولڊر مخدوم فخر الزمان ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته آئون  ڪو انڊيا يا بنگلاديش جو رهواسي ناهيان آئون به مٽياري ضلعي جو رهواسي آهيان پارٽي ٽڪيٽ منهنجو حق آهي هاڻي موجوده صورتحال ۾ پيپلزپارٽي کي ضلعي اندر ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي جنهن جو سمورو فائدو جي ڊي اي توڙي ن ليگ کي پهچي سگهي ٿو ٻئي طرف هميشه کان هڪٻئي جا سخت سياسي حريف رهندڙ هالا جو مخدوم خاندان ۽ مٽياري جو ڄاموٽ هائوس هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت سدائين پيپلزپارٽي سان گڏ رهندڙ مخدوم خاندان کي اهميت ڏيڻ واري فيصلي تي قائم ٿي رهي يا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري مٽياري تعلقي جي صوبائي تڪ پي ايس 57 جي ٽڪيٽ مٽياري جي ڄاموٽ خاندان کي ڏئي پارٽي کي ٽٽڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي بڻجي اهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو پر موجوده صورتحال ۾ ضلعي جا ٻه وڏا سياسي حريف خاندان هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن جنهن سبب پيپلزپارٽي سخت مونجهاري جو شڪار بڻجي چڪي آهي،

جيڪب آباد ۾ پ پ کي جهٽڪو،ممتاز جکراڻي جو محمد ميان سومري سان اتحاد

جيڪب آباد(م ڊ) جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي کي سياسي جهٽڪو لڳو آهي، اعجاز جکراڻي جو سئوٽ ممتاز جکراڻي محمد ميان سومرو جي پينل ۾ شامل ٿي ويو،اڳوڻو وفاقي وزير محمد ميان سومرو اڳوڻي ايم پي اي ممتاز جکراڻي جي رهائشگاهه تي پهتو،محمد ميان سومرو ممتاز جکراڻي سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ پنهنجي پينل ۾ شموليت جي دعوت ڏني،ممتاز جکراڻي آڇ قبوليندي چيو ته محمد ميان سومرو جي پينل ۾ باضابطا طور شامل  ٿيو آهيان،هن چيو ته ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي گڏجي اليڪشن وڙهنداسين،محمد ميان سومرو چيو ته اڄ ممتاز جکراڻي شامل ٿيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سرپرائيز ڏينداسين

پي ايس 19 تي مهر ۽ لنڊ گروپ جا اتحادي نادر لغاري جي حمايت ۾ نڪري آيا

ڏھرڪي (رپورٽ: منصور پيرزادو )صوبائي تڪ پي ايس 19 تي پيپلز پارٽي اميدوار عبدالباري پتافي کي شڪست ڏيارڻ لاءِ پ پ ۾ ئي  شامل مھر گروپ ۽ لنڊ گروپ جا اتحادي آزاد حيثيت سان چونڊ وڙھندڙ نادر اڪمل لغاري جي  کليل حمايت ڪندي ميدان ۾ نڪري آيا آھن، سنڌ ترقي پسند پارٽي  جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان نجي ملاقات ڪرڻ بعد  گذريل ڏينھن نادر اڪمل لغاري پنھنجي حامين کي ساڻ ڪري ڄاڻايل تڪ تي فارم ڀرائيندڙ ايس ٽي پي جي سينـئر وائس چيئرمين ايڊووڪيٽ ڄام فتاح سميجو وٽ رٿيل پرگرام ۾ پھچي ويو جتي ڄام فتاح سميجو سردار نادر اڪمل لغاري جي حق ۾ ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اھڙي اعلان وقت سردار علي گوھر مھر جي گروپ جا اتحادي حاتن شر، چوڌري اڪرام، ڄام شير افگن سميجو ۽ لنڊ گروپ جا حاجي پير بخش ڀٽي، لياقت اعواڻ ۽  ٻيا موجود ھئا، تقريب کي خطاب ڪندي ڄام فتاح چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي ھدايتن تي مون نادر اڪمل لغاري جي حق ۾ ھٿ کنيو آھي، نادر اڪمل لغاري چيو ته مان 15 سالن بعد ٻيھر چونڊون وڙھي رھيو آھيان، جنھن پويان مقصد صرف عوامي خدمت آھي، ھوڏانھن پ پ اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي سردار علي گوھر مھر ۽ مير خالد لنڊ جي مڪمل ڪنٽرول ھيٺ رھندڙ اتحادين جي اينٽي پ پ سرگرمين بابت پارٽي قيادت کي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آھن، ان باوجود پ پ قيادت خاموش بڻيل آھي، ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي جي اتحادين ميان شفيق احمد، ميان منظور احمد قادري ڏھرڪي شھر جي مختلف وارڊن جي ووٽرن سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آھي،

سليم جان مزاري، احسان مزاري،عبدالرئوف کوسو سينئر گل محمد جکراڻي وٽ پهتا

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ اڳوڻو صوبائي وزير سردار سليم جان مزاري،اڳوڻو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري،اين اي 191 ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو اميدوار علي جان مزاري،پي ايس 4 ڪشمور تڪ جو اميدوار حاجي عبدالرئوف کوسو جي جهونو پ پ ورڪر سينيئر گل محمد خان جکراڻي جي گهر پهتا،پ پ  اميدوار ۽ اڳوڻن وزيرن پ پ جي جهوني ورڪر کي نامزدگي ڪاغذن مان هٿ کڻڻ جي منٿ ڪئي جنهن بعد پ پ جي جهوني ورڪر سينيئر گل محمد خان جکراڻي پاران پنهنجا نامزدگي فارم پ پ اميدوار اين اي 191 ڪشمور ڪنڌڪوٽ تڪ تي علي جان مزاري جي حق ۾ هٿ کڻي ڇڏيو آهي،ان موقعي تي پ پ جي جهوني ورڪر سينيئر گل محمد خان جکراڻي جو چوڻ هو ته اسين پ پ جا ورڪر آهيون جئين پارٽي قيادت حڪم ڪندي اسان کي عمل ڪرڻو آهي .

ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ 15 سيٽن تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ هم خيال جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ 10 صوبائي تڪن تان هٿ کڻڻ جوفيصلو ڪيو،  ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون 5 سيٽون  اتحادي جماعتن کي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، ميرپورخاص سکر نواب شاه جي صوبائي سيٽن تي متحده پاڪستان  اميدوار نامزد ڪندي، سکر ، نواب شاهه، ميرپور خاص جي  قومي اسيمبلي جي سيٽن تي  اتحادي جماعتن جا اميدوار بيهندا،  ڪراچي جي اين اي 242 تي شهباز شريف اميدوار هوندو، ان جو اڃان تائين حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو، ان ڳالهه تي مسلم ليگ ن جي اميدوارن اتحادين جي مشاورت جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رانا مشهود، بشير ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.