اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ 10 سالا عمران پراجيڪٽ جو حصو بڻيل هم خيال ٽولي جو عهدن تي وڌيڪ رهڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي.
نامياري اينڪر نديم ملڪ جو چوڻ آهي ته جيڪي سياسي انجنيئرنگ ۾ ملوث هئا. اهي پڄاڻيءَ کي پهچي رهيا آهن، وڌيڪ استعيفائون اچڻ ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ غيرمعمولي تبديليون اچڻ جا امڪان آهن، نامياري انڪر منيب فاروق جو چوڻ آهي ته 2014ع کان 2018ع تائين ڪجهه شخصيتن ۽ آفيسن کي خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو هو ۽ جيڪي استعمال ٿيندا آهن. انهن جو انجام اهڙوئي ٿيندو آهي، جيڪو ٻن ججن جو ٿيو آهي.
نامياري اينڪر ڪامران شاهد جو چوڻ آهي ته جسٽس اعجاز الحسن خلاف به ٻه ريفرنس تيار هئا جيڪي ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن اندر جڊيشل ڪائونسل ۾ پيش ٿيڻا هئا. ان جي ڄاڻ جسٽس اعجاز الحسن کي ملي وئي هئي. جنهن ڪري هن استعيفيٰ ڏيڻ ۾ عافيت سمجهي.
نامياري صحافي طلعت حسين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ ججن جو هڪ گروپ ان وقت جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان سڌي ٽڪراءَ ۾ هو، جڏهن جسٽس بنديال رٽائر ٿي ويو ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس بڻجي ويو ته اعجاز الحسن ۽ ان جا ساٿي پاڻ کي اڪيلو ۽ غيرمحفوظ سمجهي رهيا هئا. ان ڪري اهي استعيفائون ڏئي رهيا آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 12 جنوري 2024ع تي شايع ٿي