پهرين ٽي ٽوئنٽي، نيوزيلينڊ، پاڪستان کي 46 رنسن تان هارائي ڇڏيو

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 46 رنسن تان هارائي ڇڏيو.
نيوزيلينڊ جي 227 رنسن جي جواب م صائم ايوب ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات جارحاڻي انداز ۾ ڪئي ، پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 33 جي مجموعي تي ڪِري، صائم ايوب 8 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 27 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.
محمد رضوان به 25 رنسون ٺاهي ٽِم سائوٿي جو پهريون شڪار بڻيو، فخر زمان 15، افتخار اهمد 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته اعظم خان 10 رنسن جي اننگز کيڏي.
بابر اعظم ٻن ڇڪن ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي ۽ هو 35 بالن تي 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
شاهين آفريدي ٻڙي، جڏهن ته اساما مير ۽ عباس آفريدي هڪ، هڪ رنس ٺاهي سگهيا، عامر جمال 14 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
نيوزيلينڊ طرفان ٽِم سائوٿي شاندار بالنگ ڪندي چار، ايڊم ملني ۽ بين سيئرز ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ وڪيٽ اش سوڍي جي حصي ۾ آئي.
ان کان اڳ آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 226 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان فن ايلن ۽ ڊيوڊ ڪانوي اننگز جي شروعات ڪئي پر ٻئي تال تي ئي شاهين آفريدي ڊيون ڪانوي جي وڪيٽ پنهنجي نالي ڪئي، پر اننگز جي ٽئين اوور ۾ شاهين آفريدي 24 رنسون ڏنيون.
نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 61، ڪپتان ڪين وليمسن 57، فن ايلن 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن مارڪ چيپمين 26 ۽ گلين فلپس 19 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪندڙ عباس آفريدي ۽ شاهين آفريدي ٽي، ٽي وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف ٻه شڪار ڪيا.
ڊيرل مچل کي شاندار بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.