برطانيه، آمريڪا ۽ ٻين اولھه جي ملڪن ۾ غزه ۾ جاري جنگ دوران مسلمانن سان نفرت(اسلامو فوبيا) ۽ (يھود)سامي دشمني جي واقعن ۾ ڪيئين ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي.
نائين اليون جي حملن کان وٺي، مسلمانن کي اولھه ۾ تعصب ۽ نفرت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ھاڻي وچ اوڀر ۾ جيڪا صورتحال پئدا ٿي آھي، تنھن حالتن کي ويتر خراب ڪري ڇڏيو آهي. پڙھندڙن ۾شايد ئي ڪو ھجي، جنهن واٽس ايپ، فيس بڪ، ايڪس وغيره تي ڪا اهڙي وڊيو نه ڏٺي هجي،جنهن ۾ اولھ ملڪن ۾ ڪنهن مسلمان کي سندس مذهب، حجاب وغيره جي ڪري نشانو بڻايو ويو هجي. برطانوي سماج ۾ مسلمانن خلاف نفرت جي واقعن تي نظر رکندڙ تنظيم“ٽيل ماما“ عام شهرين جي خلاف ھيسائڻ ۽ تعصب جي ڪيترن ئي واقعن کي رڪارڊ ڪيو آهي.
نفرت تي ٻڌل ڏوهه يا ھيٽ ڪرائم جو بنياد نسلي، مذهبي يا جنسي تعصب ٿي سگھي ٿو.زباني هجي يا جسماني، ڌمڪيون وارو رويو ھجي، آن لائين بدمعاشي يا ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ. اهي سڀ نفرت جا مختلف روپ آهن ۽ غزه جي جنگ کان وٺي، برطانيه ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهڙن واقعن ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي.
مسلمانن خلاف واقعن ۾ ستوڻ تي اضافو برطانوي اداري ٽيل ماما موجب ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر کان 13 ڊسمبر تائين مسلمان مخالف واقعن ۾ ستوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ٻئي طرف ڪميونٽي سيفٽي ٽرسٽ موجب حماس جي حملي کانپوءِ ٻن مهينن دوران برطانيه ۾ سامي مخالف واقعن ۾ ڇھوڻ تي اضافو ٿيو آهي. اهي انتهائي خطرناڪ انگ اکر آهن ۽ يونيورسٽي آف ليورپول سان لاڳاپيل ڊاڪٽر اياز ملڪ موجب، دنيا ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿي ويون آهن ۽ جيڪو معاشي بحران آھي، ان ۾ ساڄي ڌر جون قوتون حاوي ٿي رهيون آهن، جنهن سبب سماج ورهائجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ملڪ وڌيڪ چوي ٿو ته ان ۾ حڪمران طبقي جو به ھڪ ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح انهن گروهن کي طاقتور بڻائي رهيا آهن ۽ ان ڪري وڇوٽي وڌي رهي آهي.
يھودين جي لاءِآواز اٿاريندڙ اينٽي ڊفيميشن ليگ موجب آمريڪا ۾ اسرائيل حماس جنگ جي شروعات بعد سامي مخالف واقعن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪائونسل فار امريڪن اسلامڪ رليشنز موجب ساڳئي عرصي دوران اسلامو فوبيا ۽ عرب مخالف واقعن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.نفرت جي شڪار ٿيندڙن اھڙن تڪرار سان لاڳاپو نه هوندو آھي.ان ھوندي،اھي هڪ مخصوص گروهه جي نفرت جي ڪري نشانو بڻجندا آهن.
ايليٽ موجب ”جڏهن آئون ٽوپي پائي نڪرندو آھيان تھ ڪجھه ماڻھو مون کان منهنجي عقيدي جي باري ۾ نفرت واري لهجي ۾ پڇن ٿا يا منهنجي مذهب بابت توهين آميز جملا ادا ڪن ٿا.منهنجي دوستن کي تھ موت جون ڌمڪيون مليون آهن.“ نفرت جي ان لهر جي پويان مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
برطانيا جي پارليامينٽ ۾ سياسي پارٽيون اسلامو فوبيا جي تعريف مڃڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.نھ رڳو ايترو پر ان مسئلي تي ڪم ڪندڙ گروپ جي صلاحڪار جو عهدو هڪ سال کان خالي آهي.حقيقت ۾ حڪومت کي اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ وڌيڪ وقت ۽ رقم خرچ ڪرڻ گهرجي.