”سردار“ لفظ تي چيف جسٽس جي ڪاوڙ جي آجيان ڪجي ٿي

مير ذوالفقار چانڊيو

ھلندڙ ھفتي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪنھن ڪيس جي ٻُڌڻي دوران وڪيل شعيب شاھين پاران لطيف کوسا کي” سردار“  چئي پڪاريو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ,، سردار ,، نه لکو سرداري نظام 1976ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي پير مير سردار لکي پنھنجو رُتبو وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪيو عوام کي غلامي کان ٻاھر ڪڍو، ملڪ جي معتبر اداري ۾ اھڙي جارحيت ڀري گفتگو ٿيڻ کانپوءِ ڪافي آزاد خيال سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي مخالف ماڻھن خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جي اھڙي دليراڻي موقف کي خوب ساراهيو آهي.

اها  ھڪ تلخ حقيقت آهي ته ملڪ اندر خاص ڪري سنڌ ۾ سرداري جاگيرداري نظام ڪو اڄ ڪلھه جو نه پر انگريزن جي دؤر کان سنڌ ۽ بلوچستان جي غريب عوام کي نصيبن ۾ مليو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي جنهن سرداري نظام مان عام ماڻهن کي ھميشه نقصان ٿيو آهي سردارن ڀوتارن پاران ھميشه عوام کي غلام رکي کين تذليل جو نشانو بڻائيندا رھن ٿا اڄ ترقي يافته دؤر ۾ ساڳي غريب عوام انھن سردارن ڀوتارن جي غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي چواڻي موجب اھڙي مدي خارج نظام جي خاتمي لاءِ ملڪ جي ھيرو عوامي ليڊر ذوالفقار ڀٽي پنھنجي وس آهر حڪومتي دور ۾ ڪوششون ورتيون پر افسوس ته اھڙي نظام کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو جنھن جي ڪري اڄ ڪلھه جي روشن خيال جديد دؤر ۾ معاشري اندر خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غريب مسڪين عوام سان گڏوگڏ پڙھيل لکيل شعور يافته ماڻھو وڏي تعداد ۾ سرداري ۽ ڀوتارڪي روين ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿي پوءِ ڀلي اُھي برادري اتحاد ھجن يا سياسي پارٽين جي پاليسي ھجي ھر جڳهھ تي غريبن مسڪينن کي وڏيرن ڀوتارن سردارن جاگيردارن جو غلام بڻائي رکيو آهي غلامي به اھڙي غلامي اختيار ڪري وئي آهي بس وڏيرن ڀوتارن جي چوڻ تي ھلڻو پوندو آهي جيئن اُھي پاڙي جا چڱا ڀلا رئيس چوندا ائين ڪرڻو پوندو آهي.

جيڪڏهن ڪير ايئن نه ڪري انھن جي سامھون مڙس ٿي مقابلو ڪري ته کيس جاني مالي نقصان ڪرڻ سان گڏوگڏ سخت تڪليفون اذيتون برداشت ڪرڻيون پونديون آھن جنھن جي ڪري اڪثر ماڻهو بس ڊپ خوف وچان غلاميءَ جو نعرو هڻي وڏيرن ڀوتارن جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل نظر اچن ٿا جنھن جو مثال توهان ۽ اسان جي لاءِ سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو جي صورت ۾ سامھون آھي جنھن 6 سال اڳ پنھنجي ٽن گھرڀاتين جي شھادت کان پوءِ سرداري نظام ڀوتارڪي نظام خلاف جيڪو حق سچ جو آواز بلند ڪيو آهي جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي ان ۾ کيس تمام گهڻو ٽارچر ڪيو ويو آهي ڪورٽن عدالتن مان کيس انصاف ملڻ ته پري جي ڳالھه آهي پر افسوس ته سنڌ جي اھڙي بھادر نياڻي جي رستا روڪ ڪندي ڪافي دفعا خوني حملا ٿيا آھن ان سان گڏوگڏ کيس سخت تڪليفون اذيتون ڏنيون ويون آھن پوءِ به مائي جندو ام رباب ھڪ قدم پوئتي ھٽڻ بجاءِ ھميشھ سر فخر سان مٿي ڪري وقت جي سردارن جاگيردارن ڀوتارن کي للڪاريندي رھندي آھي.

سندن اھڙي جدوجهد سان معاشري اندر ڪافي تبديلي اچي رھي آھي اڪثر ماڻهو سرداري نظام ڀوتارڪي نظام کان بيزاري جو اظھار ڪندي کين منھن تي حق سچ چوڻ جا عادي بڻجي رھيا آھن جيڪا سنڌ جي بھادر نياڻي ام رباب چانڊيو جي وڏي ڪاميابي آهي جنھن سان عام ماڻھن ۾ سڄاڳي پيدا ٿي رھي آھي افسوس ته سنڌ اندر ھر پاسي اھڙو سرداري نظام رائج ٿيل آهي جتي پراڻي زماني واريون رِيتون رسمون رائج ٿيل آھن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن جنھن سبب سنڌ اندر خاص ڪري اُتر سنڌ ۾ سرداري وڏيرڪو نظام ڏينھون ڏينھن مضبوط ٿي رهيو آهي جنھن سان غريبن مسڪينن جي زندگي زھر لڳي پئي آهي سندن خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿيل آهن ھميشھ سندن خواهشون اڻ پوريون رھيل آھن.

اھڙي گندي ۽ مدي خارج نظام ھجڻ ڪري معاشري اندر غريب مسڪين آزاديءَ سان پنھنجي رضا خوشيءَ سان زندگيءَ گذاري نٿا سگھن سندن زندگي زھر لڳي پئي آهي جيئري عذاب ۾ آھن اھڙي روشن خيال جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ نياڻيون ويچاريون تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهن اھڙي سوشل ميڊيا ۽ تعليمي دؤر ۾ ماڻھن کي برادريءَ تائين محدود ڪري مٽن مائٽن کي ذات پرستي تائين محدود ڪري ماڻھن کي غلام بڻائي سندن گھرن تائين قيد ڪري ڇڏيو آهي ايتري حد تائين جو والدين پنھنجي اولاد جا رشتا پنھنجي برادري کان علاوه ٻين برادرين ۾ ڪرڻ کي عيب سمجھن ٿا، مطلب ته ايتري قدر غلامي ذات پرستي وڌي وئي آهي جو غريبن مسڪينن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي اھڙي روشن خيال جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ سنڌ جا ماڻھو وڏيرن ڀوتارن سردارن جاگيردارن جي غلامي ۾ مصروف آھن ان لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي سوچڻ گھرجي ته اھڙي بدبودار نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان جا ريمارڪس ڪافي نه آھن توهان ھِن وقت رياست جي ھڪ اھم اداري جا والي وارث آھيو جيڪڏهن توهان سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ته ھي ڪرپٽ عوام دشمن نظام جو خاتمو اچي سگھي ٿو جيڪڏهن غريبن مسڪينن کي توھان جي عدالت سڳورن مان تڪڙو انصاف نه ملندو ته اُھي وڏيرن ڀوتارن سردارن وٽ پنھنجو فيصلو ڪرائي انھيءَ ڀوتارڪي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسي کي ننڍڙي گذارش آهي ته جيڪڏهن سنجيدگي سان معاشري مان سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جاگيرداري سسٽم کي ختم ڪرڻ چاھيو ٿا ته سڀ کان اڳ پنھنجي عدالتن کي درست ڪيو جيئن غريبن مسڪينن کي بنا ڪنھن فرق جي تڪڙو انصاف ملي سگھي

باقي چيف جسٽس آف پاڪستان سردان پيرن ميرن جي لاءِ سخت ريمارڪس ڏي پر ٿيندو ڪجهه نه ڇو ته معاشري اندر ھي وڏيرڪو شاھي نظام گھر ڪري ويو آهي جنھن جي ختم ٿيڻ جو نالو نشان ئي نه پيو وٺي جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي سال لڳي سگهن ٿا پر حقيقت آهي ته اڄ ڪلهھ سوشل ميڊيا جي جديد دؤر ۾ عوام اندر شعور جي لاٽ ٻري رهي آهي جنھن سان سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جاگيرداري سرداري نظام جو خاتمو آڻي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.