ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي کانپوءِ نئون بحث اھو شروع ٿي ويو آھي تھ ان مان ڪنھن کي فائدو رسندو. ان جي پس منظر ۾ ڪي ماھر ڪجھه ٻيا پھلوءِ بھ تلاش ڪري رھيا آھن. پر ھڪڙي ڳالھه حتمي آھي تھ جيڪو ڪجهھ قانون ۾ طئھ ٿيل ھوندو، جج تھ ان موجب ئي فيصلو ڏئي سگھندا. باقي ان ۾ وڌيڪ اضافو يا ڪمي ڪرڻ جو اختيار تھ مقننھ جو آھي. ان ڪري جيڪڏھن پارليامينٽ اڳتي ھلي ان ۾ ڪا ترميم ڪري ٿي تھ ان بعد ان قانون جي تشريح ٻي ٿي سگھي ٿي پر ھن وقت جيڪا صورتحال آھي ان موجب عدالت ھڪ مثبت فيصلو ڏنو آھي.جنھن کي قانون جي پس منظر ۾ ئي ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آھي.
ملڪ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي .چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو ٻڌايو، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي ۽ اهو فيصلوڇھھ ھڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو .
عدالت سميع الله بلوچ نااهلي ڪيس جي فيصلي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تحت نااهلي جو مدو 5 سالن تائين آهي. نااهلي جي مدي جو قانون جاچڻ جي ضرورت ناهي، 62 ون ايف جي تشريح عدالتي ڊيڪلريشن ذريعي آئين کي ريڊ ان ڪرڻ آهي، ڊيڪلريشن ڏيڻ جي حوالي سان قانون جو ڪو پراسيس موجود ناهي.
فيصلي موجب آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ داخل ناهي ته ڪورٽ آف لا ڇا آهي،آرٽيڪل 62 ون ايف واضح نٿو ڪري ته ڊيڪلريشن ڪنهن کي ڏيڻي آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ داخل ناهي ته نااهلي جو مدو ڪيترو هوندو؟ اهڙو ڪو قانون ناهي جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو طريقي ڪار ڇا هوندو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو قانون ناهي، جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڇا هوندي؟ اهو به واضح ناهي ته 62 ون ايف تحت نااهلي فيئر ٽرائل ۽ قانوني گهرجن موجب آهي يا نه.
جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ چيو ته 62 ون ايف تحت نااهلي تاحيات به ناهي، نااهلي عدالتي فيصلو موجود هجڻ تائين آهي، سميع الله بلوچ فيصلو درست هو .چيف جسٽس چيو ته چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري هو ته اهو فيصلو فوري طور ٻڌايو وڃي ها،سمورن وڪيلن ۽ اٽارني جنرل جي اچڻ تي ٿورا مڃان ٿو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سيڪشن 62 ون ايف ۾ ڪابه سزا مقرر ناهي، ان کي اڪيلو نٿو پڙهي سگهجي. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي بابت اٿندڙ قانوني نڪتا هن فيصلي کانپوءِ عملي طور ختم ٿي ويا.
ملڪ جي وڏي عدالت جو ڪيل ھي فيصلو درست آھي ۽ ان جي قانون ۾ جيڪڏھن ڪو جھول آھي تھ ان بعد ملڪ جي قانون جوڙيندڙ اداري جي ذميواري آھي تھ ان بابت قانون جوڙي،جئين ذڪر ڪيل قانون جو دائرو ۽ ان ۾ سزا جي جو مدو پڻ اچي وڃي، جئين ڪو مونجھارو باقي نھ رھي.
بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو ڪيس وڏي دل ڪري ٻڌو ته وڃي
ملڪ جي راڄڌاني ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو ڌرڻو هلندڙ آھي.جنھن کي ڪاوئنٽر ڪرڻ جي لاءِ وري ان جي سامھون ھڪ ٻئي ڌرڻي جو ڪئمپ لڳو آھي جنھن بابت بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو چوڻ آھي تھ اھڙي عمل جو مقصد کين تنگ ڪرڻ آھي، نھ رڳو ايترو پر ملڪ جي مخلتف حصن ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ بھادر نياڻي جي خلاف منفي مھم جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي.جنھن مان ظاھر تي رھيو آھي تھ اختياريون ھٿ سان ماحول خراب ڪري رھيون آھن.
ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙ جي لاءِ مسئلا پئدا ڪرڻ ۽ انھن جي لاءِ ڪمبل ۽ ماني ٽڪي کي سيڪيورٽي جي نالي تي روڪڻ جي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ اھڙي عمل جي نندا ڪئي وئي آھي.
اسلام آباد ڌرڻي جي ٽئين مرحلي ۾ بلوچستان سميت آمريڪا، جرمني ۽ ڪئناڊا ۾ به بلوچن پاران مظاهرا ڪيا ويا، تربت ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته بلوچ نسل ڪشي خلاف جاري تحريڪ جو بنياد تربت ۾ رکيو ويو ۽ اهي پوري بلوچستان مان ٿيندو اسلام آباد ۾ بلوچ مائرن ۽ ڀينرن جي قيادت ۾ ڌرڻو هڻي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر اتي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري پيغام ڏنو ويو ته بلوچ لاءِ هن ملڪ ۾ ڪو انصاف ناهي. مقررن چيو ته نگران حڪومت مظاهرين کي تخريبڪار ۽ مختلف لقبن سان نوازيندي رهي پر ھي هڪ پرامن تحريڪ آهي ۽ انصاف لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. جنهن کي طاقت سان نه انصاف جي فراهمي سان ختم ڪري سگهجي ٿو. اھا انتھائي افسوس جي ڳالھھ آھي تھ پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين ۽ عورتن جي ڳالهھ ٻڌڻ ۽ ان جي نوعيت ۽ نزاڪت کي سمجھڻ بنا ئي اسلام آباد جي انتظاميھ انھن خلاف ڪارروائي ڪري رھي آھي.جنھن سان ويتر ماحول خراب ٿيڻ جو خطرو آھي.
وقت جي حڪمرانن کي بلوچستان سان لاڳاپو رکندڙ ماڻھن جي ڏکن ۽ دردن کي ٻڌڻ ۽ انھن کي ٿڌي دل سان سمجھڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ گھرجي،جئين عوام ۾ اعتماد وڌي ۽ ان سان وڇوٽيون ختم ٿين.
اھا انتھائي حيرت جي ڳالھه آھي تھ نياڻين جي احتجاج کي ڪنھن بھ طرح سنجيدگيءَ سان ئي نھ ورتو پيو وڃي،جنھن سان سموري ملڪ ۾ منفي تاثر پئدا ٿي رھيو آھي.جنھن جو ھر سطح تي ملڪ ۽ وفاق کي نقصان رسي رھيو آھي. بھتر ٿيندو تھ وس وارا انھن ماڻھن جي ڏکن کي ٻڌڻ جي لاءِ وڏي دل ڪندي انھن وٽ اچن ۽ ڳالھين جو سلسلو شروع ڪن يقينن اھو مسئلو ايترو جلدي حل نھ ٿيندو پر ان جي لاءِ ارادو ۽ نيت ڪرڻ جي پرک، قول ۽ لھجي مان ئي ثابت ٿيندي. بدقسمتي سان اھڙي ڪا بھ اڳڀرائي تاحال نظر نٿي اچي.جنھن جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي.